26

ڪراچي: پاڻ کي آءِ جي سنڌ جي ميڊيا سيل جو اهلڪار ظاهر ڪندڙ همراهه گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اي وي ايل سي پوليس لياقت آباد 10 نمبر ۾ ڪارروائي ڪري پاڻ کي آءِ جي سنڌ جي ميڊيا سيل جو اهلڪار ظاهر ڪندڙ وجاهت علي ٻانڀڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي ان سلسلي ۾ اي وي ايل سي جي انچارج عارف اسل رائو جو چوڻ آهي ته جوابدار جعلي صحافتي اداري سان وابسطه آهي ۽ هو مختلف ماڻهن کي فون ڪري پاڻ کي سينٽرل پوليس آفيس جي ميڊيا سيل جو اهلڪار ظاهر ڪندو هو هڪڙي شهري کي هن فون ڪري چيو ته توهان جي چوري ٿي ويل ڪار نواب شاه مان هٿ آئي آهي ڪار واپس ڪرڻ لاءِ هن شهري کان ڏيڍ لک روپيه رشوت گهري ۽ هڪ لک 30 هزارن تي معاملو طع ٿي ويو پوليس موجب جوابدار جي خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو