ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي مئچ ۾ ڪراچي ڪنگز ملتان سلطانز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. بابر اعظم جي شاندار ڪارڪردگي سبب ڪراچي ڪنگز 196 رنسن وارو وڏو هدف 19 اوورن ۾ ئي حاصل ڪري ورتو. بابر اعظم 60 بالن تي 90 رنسن جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي، جڏهن ته جوڪلارڪ 26 بالن تي 54 ۽ شرجيل خان 14 بالن تي 27 رنسون ٺاهيون.
