12

ڪراچي ۾قبضا مافيا خلاف احتجاج ڪندڙ شخص قتل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾قبضا مافيا خلاف احتجاج ڪندڙ شخص کي قتل ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقي جوهر چورنگي ويجهو نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾اظهر اقبال قتل ٿي ويو آهي، مقتول علائقي ۾قائم هڪ سوسائٽي جي قبضي جي خلاف آواز اٿاريو هو. پريس ڪلب ۾پڻ پريس ڪانفرنس ڪئي،اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ڪئي وئي هئي. پوليس موجب معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو