81

ڪراچي ۾ بجلي لوڊشيڊنگ خلاف ڌرڻو، لٺبازي، شيلنگ، فائرنگ، هڪ اهلڪار زخمي، وڏي وزير نوٽيس ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ماڙي پور روڊ تي بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ڪندڙ شهرين تي پوليس لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي. بجلي جي بندش تي گذريل ڏهاڙي کان ماڙي پور روڊ تي عورتن ۽ ٻارن سميت علائقي واسي احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين ماڙي پور روڊ 24 ڪلاڪن کان ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو، انتظاميا سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ تي مظاهرين پوليس تي پٿراءُ ڪيو ۽ بجلي فراهمي تائين احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. پٿراءُ کانپوءِ پوليس مظاهرين تي لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي، مظاهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس هوائي فائرنگ به ڪئي. مظاهرين جي پٿراءُ ۾ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو، جڏهن ته پوليس چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. اي ايس پي عاطف امين موجب ڳالهين ۾ معاملا طئي ٿي ويا هئا پر پوءِ مظاهرين ۾ ڌڙا بڻجي ويا، ٽريفڪ ۾ ڦاٿل ماڻهن کان به ڦرلٽ ڪئي وئي، خراب صورتحال سبب مظاهرين کي پوئتي ڌڪيو. احتجاج سبب ڪياماڙي، نيٽو جيٽي پل، ايم ٽي خان روڊ، آءِ سي آءِ برج تي ٽريفڪ جام ٿي وئي. آءِ سي آءِ برج سان لياري ايڪسپريس وي، ماڙي پور ۽ سائيٽ ايريا ويندڙ ٽريفڪ معطل رهي.هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه توانائي بابت صوبائي وزير امتياز شيخ کي هدايتون ڏنيون آهن ته هو ڪراچي شهر ۾ وڌندڙبجلي جي بحران تي ضابطي لاءِ ڪي اليڪٽرڪ سان ڳالهايون ڪري. هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي ڊگهي لوڊشيڊنگ شهر ۾ امن امان جي صورتحال پيدا ڪري رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪي اليڪٽرن پنهنجي سسٽم کي درست ڪري، عوام ڪيتري تڪليف برداشت ڪندو. مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته شهر ۾ بجلي جي بحران کي فوري ٺيڪ ڪيو وڃي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو