39

ڪراچي ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي، مختلف هنڌن تي ڦر دوران هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل، 6 زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، مختلف هنڌن تي ڦر دوران هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق ملير جي علائقي الفلاح ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻن هٿياربندن پوليس اهلڪار کان ڦر جي ڪوشش ڪئي ته ان دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٻئي پاسي حسين آباد ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس مطابق احسن آباد ۾ بنگالي موڙ وٽ ڦر دوران جوابدارن عورت سميت ٻن ڄڻن کي زخمي ڪري وڌو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو