23

ڪراچي ۾ سنڌي پورهيتن جي گهرن مٿان حملو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي، احتجاجي ريلي، ڇڪتاڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڪورنگي جي ڊينم ڪمپني ۾ سنڌي پورهيتن جي رستاروڪ ۽ جهيڙي بعد ھٿياربند افغاني پٺاڻن بلال ڪالوني جي سنڌي وسندين تي حملو ڪري ڏنو ۽ گهرن مٿان سڌي فائرنگ ڪئي، تفصيلي خبر موجب گذريل ڏينهن ڪورنگي جي ڊينم ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي پورهيتن کي افغاني پٺاڻن پاران مارڪٽ ڪرڻ، ڪمپني ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ ۽ نوڪري ڪرڻ کان منع ڪرڻ تي ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿيڻ بعد افغاني پٺاڻن هٿياربند ٿي بلال ڪالوني ڪورنگي جي سنڌي وسندي تي اوچتو حملو ڪري گهرن مٿان سڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن ڪري پرويز جاگيراڻي سميت ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا،  جڏهن ته ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته افغاني پٺاڻن جي فائرنگ ۾ ڪيترائي ڳوٺاڻا زخمي ٿيا آھن، حملي جو پوليس کي بر وقت اطلاع ڏنو ويو پر پوليس ٻه ڪلاڪ دير سان پهتي. اڳواڻن ڳوٺاڻن سان ڳالهائيندي چيو ته غيرقانوني طور تي رهندڙ افغاني ۽ وزيرستاني بدمعاش غنڊن هٿيارن جي زور تي ڪورنگي جي ڊينم ڪمپني ۽ ڀر وارين فيڪٽرين ۾ سنڌين جي داخلا تي پابندي هڻي سنڌين لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آھن ۽ هاڻي بلال ڪالوني جي سنڌي وسندين تي حملا ڪري سنڌين کي بيدخل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته اسان هر صورت ۾ ڪراچي ۾ آباد سنڌين جو تحفظ ڪنداسين، هن مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ ۾ آباد افغانين، وزيرستاني ۽ ٻين ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي، ٻئي طرف جسقم چيئرمين اڄ بلال ڪالوني پهچندو، جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته ڪراچي جا وارث آهيون، سنڌي پاڻ کي نڌڻڪو نه سمجهن، سندن هر محاذ تي مالڪي ڪنداسين، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڌاري آبادي وڏو مسئلو آهي، سنڌ سرڪار کي اکيون کولڻ گهرجن ۽ ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌين کي ڌاري آبادي کان مڪمل سوشل بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي، ڪنهن به ڌاري ماڻهو سان ڪو واپار، وهنوار نه ڪرڻ گهرجي ڌارين کي مسواڙ تي رهڻ لاءِ گهر به ڪرائي تي نه ڏنو وڃي، ڌاري آبادي سبب ۾ معاشي بار سان گڏ، دهشتگردي، بدامني وڌڻ جو خطرو آهي، تنهن ڪري سنڌ مان افغانين، بنگالين، بھارين، برمين کي نيڪالي ڏني وڃي. جڏهن ته جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام مرڪزي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته جسقم چيئرمين بلاول ڪالوني جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پورهيتن مٿان پٺاڻن جو حملو دهشتگردي آهي، پورهيتن مٿان حملي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، جڏهن ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي اڄ ڪراچي بلال ڪالوني ۾ زخمي پورهيتن وٽ پهچندو، جڏهن ته جسقم سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر مقصودو رند ۾ حسن رند سان والد جي وفات تي ٽنڊو آدم ۾ جسقم اڳواڻ الھداد مري ولد جي وفات تي تعزيت ڪئي، منور شيخ ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.ٻئي طرف ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته  ڌارين آبادڪاري سبب سنڌ جو امن امان تباھ ٿي ويو آھي،  ڏوھن، اسمگلنگ سميت ھٿيارن جي خريد فروخت ۽ نمائش مسلسل وڌي رھي  آھي، اھڙن خيالن جو اظھار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ترقي پسند ھائوس تي مختلف ضلعن کان آيل ايس ٽي پي جي ڪارڪنن سان ڳالھائيندي ڪيو . ايس ٽي پي سرابراھ ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي اندر تيزي سان ھڪ منظم سازش تحت ڌارين آبادڪاري ڪئي پئي وڃي، جنھن سان نه  صرف اصل ڌرتي ڌڻين جو معاشي استحصال ٿي رھيو آھي پر سنڌ جو امن امان پڻ خراب ٿي رھيو آھي، هوڏانهن جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آھي ته سنڌ دشمن ڌريون پنهنجي ذھن مان اهو ڪڍي ڇڏين ته اهي هٿيارن جي زور تي سنڌين کي ماري مات ڪري کين شهرن مان بيدخل ڪري ڇڏيندا. سنڌي پنهنجن شهرن تان ڪنهن به ريت دستبردار نه ٿيندا. جاري ڪيل بيان ۾ ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ سنڌي پورهيتن تي حملي جي مذمت ڪندي هن چيو ته مزدورن مٿان حملو ڪندڙ پٺاڻ غنڊن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي. دهشتگرد ڪنهن به رعايت جا مستحق نه ٿا ٿي سگھن. هن وڌيڪ چيو ته پشتون قيادت ڪراچي ۾ پٺاڻن جي داداگيري ۽ دهشتگردي جو نوٽيس وٺي. هن قسم جا واقعا وڌيا ته ان سان حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون ۽ ان جا تباهي ڀريا نتيجا نڪرندا، جيڪو عمل ٻنهي ڌرين جي مفادن ۾ نه هوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو