170

ڪراچي ۾ سيڪيورٽي ادارن تي حملن ۾ ملوث 4 ڏوهاري گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سي ٽي ڊي ميرپورخاص ۾ ڪارروائي ڪري ڪراچي ۾ سيڪيورٽي ادارن تي حملن ۾ ملوث 4 ڏوهارين کي گرفتار  ڪري ورتو آهي. ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عمر شاهد پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو آهي ته ميرپورخاص ۾ ڪارروائي دوران سيڪيورٽي ادارن تي حملن ۾ ملوث 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، جيڪي جون، جولاءِ ۽ آگسٽ دوران مختلف ادارن سميت سچل، ڪوٽڙي، لياقت آباد، احساس سينٽر ۽ گلشن حديد ۾ ٿيل حملن ۾ ملوث آهن. ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عمر شاهد مطابق جوابدارن کي پرڏيهه مان فنڊ ملندو هو، جن خلاف وڌيڪ جاچ جاري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو