ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ مينديءَ جي ڪارخاني ۾ اوچتو باهه لکڻ ڪري 3 پورهيت سڙي فوت ٿي ويا آهن جن جي سڃاڻپ اڪرم، شاهد ۽ اسماعيل طور تي ٿي آهي. جڏهن ته امدادي ڪارروايون جاري جاري آهن، فائربرگيڊ جي عملدارن مطابق مينديءَ جي ڪارخاني ۾ باهه جو واقعو اورنگي ٽائون نمبر 4 ۾ پيش آيو آهي ، عملدارن موجب باهه لڳڻ جو سبب معلوم ٿي نه سگهيو آهي، جنهن جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي،
