75

ڪراچي ۾ ميٽرڪ جو پيپر امتحان کان پهرين سوشل ميڊيا تي وائرل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ميٽرڪ جي ڪمپيوٽر اسٽڊيز جو پيپر امتحان کان پهرين سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي، ساڍي 9 وڳي پيپر ٿيڻو هو، جيڪو 7 وڳي ئي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو. بورڊ انتظاميا جو چوڻ آهي ته پيپر سيل آهي، ان ڪري اسان تصديق يا ترديد نٿا ڪري سگهون. هوڏانهن سنڌ ۽ پنجاب ۾ امتحانن دوران بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ڪئي وئي، جنهن سبب شاگرد ۽ شاگردياڻيون بيحال ٿي ويون، ڪجهه امتحاني مرڪزن ۾ ٿڌو پاڻي نه هجڻ ڪري گرمي سبب شاگردن جي حالت خراب ٿي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو