27

ڪراچي ۾ پاڻي چوري ڪندڙ وڏو گروهه بي نقاب، 2 جوابدار گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سائيٽ سپر هاءِ وي پوليس اسٽيشن جي احسن آباد واري علائقي ۾ پاڻي جي چوري ۾ ملوث وڏو نيٽ ورڪ بي نقاب، غير قانوني هائيڊرنٽ کي مسمار ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. واٽر بورڊ جي 84 انچن جي لائن مان پاڻي چوري ڪري صنعتي علائقي کي پاڻي فراهم ڪيو پئي ويو. غير قانوني هائيڊرنٽ مافيا پاڻي چوري ڪري رهيا هئا ۽ ماهوار ڪروڙين رپيا ڪمائي رهيا هئا. انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل ٻڌايو ته ڪارروائي دوران غيرقانوني هائڊرنٽس تي موٽرس ، پائپ ۽ سڪشن پمپ ضبط ڪيا ويا، غير قانوني هائيڊرنٽس ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ جو سبب بڻجن ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو