پشاور (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته اهڙا ڪي به ثبوت ناهن مليا ته اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل آهي، 2018ع وارين چونڊن بابت جيڪو موقف هو ان تي قائم آهيون. پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته ننڍين چونڊن دوران ڪرم ايجنسي ۽ ڊسڪا ۾ ڌانڌلي ذريعي نتيجا ٺاهيا ويا، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن، ڪرم ۾ جعلي ووٽ پڪڙيا ويا، پي ٽي آءِ اميدوار کي نااهل قرار ڏيڻو هو، نتيجا تبديل ڪيا ويا ۽ نااهل اميدوار کي کٽرايو ويو، اسان اهڙن نتيجن کي رد ڪريون ٿا. مولانا فضل الرحمان چيو ته ڏکڻ وزيرستان ۾ قبيلائي تڪرار هلندڙ آهن، رتوڇاڻ کي روڪڻ لاءِ اتان جي انتظاميا بي وس آهي، قبيلائي تنظيمن کي هدايت ڪريان ٿو ته جرڳو سڏرائين ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
