ليکڪ: علي محمد ميمڻ
دنيا جي مختلف ملڪن بابت سروي رپورٽون تيار ڪندڙ ڪمپني، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل بدعنوانين بابت مختلف ملڪن جي فهرست تي ٻڌل رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن موجب پاڪستان ۾ ڪرپشن ۾ واڌ ٿي آهي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل موجب گذريل سال پاڪستان ۾ ڪرپشن چار درجا وڌي وئي آهي، 2019ع جو پاڪستان ڪرپشن انڊيڪس 120 هو، 2020ع ۾ 124 ٿي ويو آهي. ملڪ جي ميڊيا تي آيل رپورٽن موجب پاڪستان ۾ ڪرپشن قومي احتساب بيورو (نيب) جي انهن دعوائن جي باوجود وڌي ته ٻن ورهين ۾ نيب ڪرپشن جا 365 ارب رپيا هٿ ڪيا ۽ پاڪستان ۾ 2019ع جي مقابلي ۾ 2020ع ۾ ڪرپشن وڌي وئي آهي. پاڪستان جي باري ۾ ڄاڻايل جيڪا رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي ان موجب وزيراعظم عمران خان واري هاڻوڪي سرڪار جي حڪومت جي گذريل ٻن سالن دوران ملڪ ۾ ڏوهه ۽ بدعنوانيون اڳ کان به گهڻيون وڌي ويون آهن، جنهن ڪري هن رپورٽ جي منظرعام تي اچڻ سان حڪومت ۾ شديد ردعمل پيدا ٿي پيو آهي. دلچسپ صورتحال آهي ته وزير اعظم عمران خان پاڻ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل طرفان اڳوڻين حڪومتن خلاف جاري ٿيندڙ اهڙي قسم جي رپورٽن کي سچ ۽ حڪومتن جي ڪارڪردگي جو ڪچو چٺو ڪري پيش ڪندو رهيو ۽ انهن حڪومتن خلاف مهم هلائيندو رهيو هو. مزيدار ڳالهه ته اها ٿي وئي آهي ته هاڻي ساڳي ڪمپني جي وزيراعظم عمران خان واري حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي بابت منظرعام تي ايندڙ رپورٽن حڪمرانن جو ساهه سڪائي رکيو آهي. اهڙي ريت هاڻي وزير اعظم عمران خان ۽ سندس حڪومت پڻ پنهنجي پوکيل پوک لڻي رهي آهي، جيڪا هڪ ڪمپني جي رپورٽ تي ئي وڃي ديوار سان لڳي آهي ۽ ان رپورٽ خلاف حڪومتي دليل بي اثر ثابت ٿي رهيا آهن. وزير اعظم صاحب ان رپورٽ کي پڙهڻ بنا ئي غلط قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ سندس ڪيترائي وزير ۽ مشير ميڊيا جي مختلف مرڪزن تي ٿيندڙ بحث مباحثن ۽ ٽاڪ شوز ۾ وڃي حڪومت جي دفاع ۾ صفايون پيش ڪندي نظر اچي رهيا آهن، ميزبانن ۽ ٻين مهمانن ۾ تماشو بڻجي رهيا آهن. يقينن اسان جي ملڪ ۾ سياست ۽ اقتدار واري ويڙهه به تمام گهڻي ظالم ٿيندي آهي، جنهن ۾ هڪٻئي سان دشمنين جي حد تائين ڪارروايون ڪيون وينديون آهن، خير ۽ شر، سچ ۽ ڪوڙ وارا سمورا هٿيار بنا سوچ سمجهه جي هڪٻئي خلاف بيدردي سان استعمال ڪيا ويندا آهن. اهڙي صورتحال ۾ ملڪ ۾ جيڪو تماشو لڳايو ويندو آهي ان سان اخبارن جون ڪاغذي خبرون قدآور بڻجي توپن ۽ ٽئنڪن واري جاءِ وٺي وينديون آهن ۽ ٽي وي چئنلن جي نيوز بليٽن ۽ ٽاڪ شوز واريون هوائي ڳالهيون به جنگي جهازن ۽ ميزائيل حملن برابر بڻجي وينديون آهن. ٻئي پاسي حڪومتون جڏهن پنهنجين حالتن کان بي خبر ۽ پنهنجي لازمي فرضن کان غافل هونديون ته انهن لاءِ ڪنهن به ڪمپني جون هوائي سروي رپورٽون پڻ جنن ۽ ڀوتن جي لشڪرن وارو ڏيک ڏيڻ لڳنديون آهن. اها حقيقت آهي ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل هڪ نجي سروي ڪمپني آهي، جنهن جي نمائندن طرفان مختلف ملڪن ۾ راءِ عامه يا عوام جي مختلف حصن کان ڪيل انٽريوز يا مليل معلومات جي آڌار تي ”پرسپشن انڊيڪس يا تصوراتي رپورٽون“ تيار ڪيون وينديون آهن. هن ڪمپني جون پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾آفيسون قائم آهن، اهي آفيسون مختلف ملڪن جي حڪومتن بابت ماڻهن جي راءِ ۽ مختلف نجي ۽ سماجي شعبن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان انهن ملڪن جي ماڻهن کان انٽريو ڪرڻ ۽ سروي ڪرڻ ذريعي گهربل معلومات گڏ ڪري مختلف شعبن جي ڪارڪردگي بابت پنهنجا انگ اکر تيار ڪن ٿيون ۽ هن اداري طرفان پنهنجيون اهي ئي رپورٽون سالياني رپورٽ جي صورت ۾ جاري ڪيون وينديون آهن. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل هڪ اين جي او آهي. هن کي ڪنهن به ملڪ ۾ عالمي اداري واري ڪا سرڪاري حيثيت يا ڪنهن به جاءِ تي سرڪاري سطح تي نمائندگي حاصل نه هوندي آهي پر سندس رجسٽريشن واري وڏي نالي جي آڌار تي ان ڪمپني بابت اهو خيال ڪيو ويندو آهي ته شايد اهو دنيا جو ڪو عالمي تحقيقاتي ۽ نگران ادارو آهي، جنهن جي پيش ڪيل رپورٽ درست ٿي سگهي ٿي. دنيا ۾ مختلف قسمن جا ڪاروبار ڪيترن وڏن ۽ ننڍن نالن ۽ نعرن هيٺ ڪيا وڃن ٿا. ڪنهن به نجي سروي ڪمپني يا ڪنهن به قسم جي خدمتن واري ڪمپني يا اداري جون سرگرميون ان ڪمپني جا ڪاروباري مفاد پڻ ٿي سگهن ٿا. ان کانسواءِ مختلف ملڪن ۾ ان نالي سان ڪم ڪندڙ آفيسن جا انچارج پڻ مختلف ملڪن ۾ پنهنجا ذاتي فائدا يا ڪاروباري فائدا پڻ حاصل ڪري سگهن ٿا. اهڙو هڪ واقعو ڪجهه سال اڳ اسان جي ملڪ ۾ پڻ ٿي چڪو آهي، جنهن موجب ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي پاڪستان چيپٽر جي انچارج مسٽر گيلاني جي آفيس طرفان ميان نواز شريف واري گذريل دور حڪومت متعلق رپورٽون تيار ڪرڻ بعد حڪومت جو ڌيان حاصل ڪيو ۽ کيس پي آءِ اي جي انتظامي بورڊ ۾ شامل ڪيو ويو، ان بعد اهي رپورٽون پڻ منظرعام تي آيون ته ان صاحب کي هڪ ملڪ ۾ سفارتڪار ڪري پڻ رکيو ويو. اهڙي ريت اهڙا واقعا دنيا جي مختلف ڪمزور ملڪن ۾ پڻ ضرور ٿيندا هوندا. يقينن اهي قومون ۽ ملڪ بدبخت آهن، جنهن جا ڏسڻا وائسڻا ماڻهو، هيروز، هستيون ۽ معزز شخصيتون، اجائي حوس ۾ پئجي وڃن. پاڻ لاءِ اقتدار يا وڌيڪ ڪا هڙ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو قدر ۽ مرتبو وساري ڳِجهن وانگر ڍونڍ ميڙڻ وارا ڪم ڪرڻ لڳن ته انهن جي اهڙي عبرتناڪ حالت تي صرف افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، جنهن لاءِ اسان جي سهڻي سنڌي ۾ اها قيمتي چوڻي موجود آهي ته ”جتي لوڀي هوندا اتي ٺوڳي ڪڏهن به بک نه مرندا“.