لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڪرڪيٽ ۾ جيڪو سلوڪ ٿئي پيو اهو صحيح ناهي، اسان جي قربانين جو احترام ڪيو وڃي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته گهٻرائڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، قوم کي افسوس ضرور آهي، هڪ ڏينهن ايندو جو سڀ ٽيمون پاڪستان کيڏڻ اينديون، نيوزيلينڊ وٽ ايتري فورسز ناهي جيتري کين سيڪيورٽي ڏني هئي، ٿريث الرٽ ٻڌائيندڙ 5 ملڪ اڳ ۾ ڪٿي هئا، شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته جڏهن سيڪيورٽي ماهر پاڪستان جو دورو ڪري رهيا هئا، ٽيم 4 ڏينهن راولپنڊي ۾ هئي، تڏهن ڪو به مسئلو نه هو؟، ڀارت ۾ ڪورونا جي تباهي سبب ڪا ڪرڪيٽ نه پئي ٿئي، اسان جون ايجنسيون مضبوط ترين ۽ سمارٽ آهن.
