163

ڪشمالا طارق جي پٽ جي گاڏي جي ٽڪر ۾ 4 ڄڻا فوت، 2 زخمي، مڙس گرفتار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي جي اليون سيڪٽر ۾ ڪشمالا طارق جي پروٽوڪل ۾ شامل گاڏين سنگل ٽوڙيندي مهراڻ ڪار کي ٽڪر هڻي ڪڍيو، جنهن جي  نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس مطابق اسلام آباد جي سيڪٽر جي اليون ۾ تيز رفتار 5 گاڏين سنگل ٽوڙيندي موٽرسائيڪل ۽ مهراڻ ڪار کي ٽڪر هڻي ڪڍيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 4 دوست ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس مطابق تيز رفتار گاڏين جو قافلو ڪشمالا طارق جي پروٽوڪول جو هو، هڪ گاڏي ۾ ڪشمالا طارق جو مڙس ۽ پٽ به موجود هئا، پوليس ڪشمالا طارق جي مڙس وقاص خان کي حراست ۾ وٺي رمنا ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪشمالا طارق جو پٽ ۽ قافلي ۾ شامل ٻيا ماڻهو موقعي تان فرار ٿي ويا. پوليس مطابق حادثي جو ڪيس ٿاڻي رمنا تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪشمالا طارق جو پٽ اذلان به نامزد آهي، ڪيس واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ شهري جي فرياد تي داخل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ايف آءِ آر مطابق اڇي رنگ جي جيڇ نمبر ڊبليو واءِ 077 مهراڻ ڪار کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ موجود 4 دوست فوت ٿي ويا هئا، فوتي نوجوان مانسهره کان اي اين ايف جي ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ آيا هئا، جڏهن ته حادثي ۾ موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو