ايڊيٽوريل
ڪجهه وقت اڳ ڪشمور ۾ ڪراچي جي چئن ورهين جي نياڻي عليشا سان اجتماعي لڄالٽ جو واقعو پيش آيو هو، جنهن ۾ جوابدارن ماءُ کي يرغمال بڻائي سندس معصوم نياڻي سان اجتماعي لڄالٽ ڪئي هئي، اهڙي واقعي تي سڄي ملڪ ۾ ڏک، ڪاوڙ ۽ خوف واري لهر پکڙيل هئي، پوليس ڄاڻايل واقعي ۾ ملوث جوابدار پڻ گرفتار ڪيا هئا ۽ هڪ وحشي جوابدار مقابلي ۾ مارجي به ويو هو، اڃا ان واقعي جا پڙاڏا ختم ئي نه ٿيا هئا ته وري اهڙو ئي لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو پيرجوڳوٺ ۾ پيش آيو آهي، جنهن ۾ وحشي صفت جوابدارن 8 ورهين جي نياڻي ۽ پهرئين ڪلاس ۾ پڙهندڙ مونا عرف مونيڪا ڌيءُ غلام شبير لاڙڪ کي اغوا ڪري اجتماعي درندگيءَ جو نشانو بڻائڻ بعد گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي واقعي هڪ ڀيرو ٻيهر انسانيت جا ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيا آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته نياڻي ڳوٺ لونگ لاڙڪ مان خيرات جي ماني وٺڻ لاءِ پيرڳوٺ جي هادل شاهه واري علائقي ۾ ايندي هئي، جتان روزانو خيرات جي ماني وٺي گهر واپس ٿيندي هئي، نينگري جي والد غلام شبير ٻڌايو آهي ته آئون موٽرسائيڪل ڪرائي تي هلائي گذر سفر ڪندو آهيان، نياڻي ماني وٺڻ لاءِ وئي ته واپس نه آئي، ٻه ڏينهن ڳولا ڪئي سين جنهن بعد ڳوٺ ٻاهران انبن ۽ ڪيلن جي باغ مان سندس ڪپڙن کان آجو لاش مليو آهي، هوڏانهن پوليس واقعي بعد پيرا کڻائي ساڳئي ڳوٺ جي ابراهيم عرف لعل بخش شيخ ۽ سندس زال ناهيد شيخ سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري پڇاڳاڇا لاءِ نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي به واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس پي هيڊڪوارٽر نوشيروان چانڊيو کي جاچ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن هادل شاهه واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪرڻ بعد وارثن کان واقعي جا تفصيل پڻ ورتا آهن، هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڄاڻايل واقعي جيءُ جهوري ڇڏيو آهي، جوابدار هر صورت ۾ گرفتار ڪري کين سزا ڏني ويندي.
سنڌ ۾ ڪجهه مهينن جي وٿي سان هيءَ ٻيو اهڙو واقعو آهي جيڪو زندهه ضمير ماڻهن لاءِ قيامت کان گهٽ نه آهي، ڇو ته اهڙن واقعن سان سنڌ جي ان پرامن روح کي ڇيهو رسي رهيو آهي جيڪو سنڌ جي سدا لاءِ سڃاڻپ بڻيل آهي ته هيءَ ڌرتي امن، محبت ۽ امان واري ڌرتي آهي، هن ڌرتي پنهنجن سان گڏ ڌارين کي به پناهه ڏني آهي ۽ هيءَ انهن ماڻهن جي ڌرتي آهي جيڪي سامن تي سر ڏيڻ کي پنهنجو فخر سمجهندا آهن، نه صرف ايترو پر هن ڌرتيءَ تي نياڻين جي ايتري عزت ۽ مان آهي جو انهن جي لنگهي اچڻ تي خون به معاف ڪيا ويندا آهن، هن قسم جا واقعا سنڌ جي صوفياڻي مزاج جي ڪک ۾ خنجر وانگر لڳي رهيا آهن، جن کي روڪڻ انتهائي ضروري آهي، جيڪڏهن اهڙا واقعا مسلسل ٿيندا رهيا ته يقينن اهي نه صرف سنڌ جي امن ۽ روادار معاشري جي سڃاڻپ لاءِ نقصانڪار بڻبا پر ان سان ماڻهن جي اندر جيڪو خوف ۽ وحشت پکڙبي اها ڪيترين ئي نياڻين کي هڪ ڀيرو ٻيهر گهرن جو قيدي بڻائي ڇڏيندي ۽ ماڻهو پنهنجي نياڻين کي گهرن کان ٻاهر علم پرائڻ سميت نوڪرين لاءِ به نه ڇڏيندا، اسان سمجهون ٿا ته هي واقعو خيرپور پوليس لاءِ هڪ چئلينج بڻيل آهي، ڪنگري تعلقو هونئن ئي پوليس چئلينج بڻيو پيو آهي، ڇو ته گذريل ڪجهه مهينن کان هن تعلقي ۾ انسانن کي جانورن وانگر ماريو پيو وڃي، قبائلي ۽ برادري تڪرارن هن علائقي جو امن ۽ سڪون تباهه ڪري ڇڏيو آهي، پر بدقسمتي سان پوليس اهڙا جهيڙا روڪڻ بدران وڏيرن جي ڳيجهو بڻيل آهي، مٿان وري مونا عرف مونيڪا جي بيرحماڻي قتل هڪ نئون چئلينج پيدا ڪيو آهي، اسان سنڌ حڪومت سميت خيرپور پوليس کان اها گهر ٿا ڪريون ته ڄاڻايل واقعي ۾ ملوث سمورن حقيقي جوابدارن کي هر صورت ۾ گرفتار ڪري سزا ڏياري وڃي، ڇو ته جيڪڏهن اهو واقعو به پوليس جي فائلن ۾ بند ڪيو ويو يا وري روايتي جاچ کان اڳتي نه وڌيو ته خيرپور پوليس جي رهيل کهيل ساک به ختم ٿي ويندي ۽ معاشري ۾ قانون جو احترام باقي نه رهندو، جنهن سان وري هڪ نئون بحران پيدا ٿي ويندو، مونا عرف مونيڪا سڄي سنڌ جي نياڻي آهي ۽ ان جو انتهائي وحشياڻو قتل ان ڳالهه جي تقاضا ٿو ڪري ته ان کي انصاف ڏياريو وڃي، ڇو ته مونيڪا سان انصاف بنيادي طور تي سنڌ جي سمورين نياڻين سان انصاف جي برابر آهي، ان ڪري اهڙي عمل ۾ ڪنهن به قسم جي دير نه ٿيڻ گهرجي.