39

ڪشمير ۽ فلسطين سوڌو ٻين لاڳاپيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني مسلمان کي متحد ٿيڻو پوندو: ڊپٽي اسپيڪر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان ايران کي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي ۾ شريڪ ڪرڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان اسرائيل کي ڪڏهن به تسليم نه ڪندو، ڪشمير ۽ فلسطين سميت ٻين لاڳاپيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ  سڀني مسلمان کي متحد ٿيڻو پوندو، اميد آهي ته ماضي جي روايتن جي ابتڙ نئون آمريڪي صدر جوبائيڊن ملڪن تي دٻاءُ وجهڻ ۽ پابنديون لڳائڻ بدران عالمي امن جي لاءِ ڪم ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايراني نيوز ايجنسي کي هڪ خصوصي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته سي پيڪ منصوبي ۾ چين پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ حصيداري سان ٽن ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ملندو ۽ خطي ۾ رابطن جون راهون هموار ٿينديون، جنهن سان روزگار جي موقعا به پيدا ٿيندا، غربت جي خاتمي ۾ مدد ملندي ۽ واپار کي فروغ ملندو. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي جو حوالو ڏيندي هن چيو ته اسان جي خواهش آهي ته ايران به ان منصوبي ۾ شموليت اختيار ڪري ڇاڪاڻ جو تهران، بيجنگ ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ حصيداري سان سڄي خطي کي فائدو ٿيندو. قاسم خان سوري چيو ته اسان کي انهن عنصرن کان خبردار رهڻ گهرجي جيڪي خطي جي ملڪن جي وچ ۾ غلط فهميون پيدا ڪري ماحول کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا، هن چيو ته نه رڳو خطي ۾ پر سڄي ننڍي کنڊ ۾ ان توسيع پسنداڻي ارادن کي روڪڻو پوندو جيڪي اسان جي گڏيل مفادن ۽ هدفن جي لاءِ خطرو آهن. هن چيو ته سي پيڪ منصوبو 46 ارب ڊالر جو هو پر هاڻي ان جي ماليت 62 ارب ڊالر تائين پهچي وئي آهي، ان منصوبي تحت انفراسٽرڪچر جي مختلف منصوبن جي تعمير جو ڪم جاري آهي، پاڪستان جي چين سان اتر اوڀر سرحد کان ڏکڻ اوڀر پاڪستان تائين ٽرين ۽ شاهراهن جي ٽرانسپورٽ مصنوبو سي پيڪ جو اهم حصو آهن، اهو ون بيلٽ ون روڊ جو فليگ شپ منصوبو آهي. گوادر بندرگاهه جي ترقي به ان جو حصو آهي، هن چيو ته ڪيترن ارب ڊالر جي ان منصوبي جي ذريعي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڊگهي ۽ مضبوط حصيداري وجود ۾ آئي آهي، ان منصوبي جي ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري دفاعي تعاون کان اقتصادي تعاون ۾ منتقل ٿي آهي، اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام اسرائيل کي تسليم نه ڪندي، هن خطي جي ڪجهه ملڪن پاران اسرائيل سان ڪمپرومائيز جو حوالو ڏيندي چيو ته ان حوالي سان اسان جو موقف واضح آهي، اسان اسرائيل کي ڪڏهن تسليم نه ڪنداسين، هن چيو ته اسرائيل جو پنهنجو وجود غير قانوني آهي ۽ هو مظلوم فلسطيني عوام تي ظلم ڪري رهيو آهي ۽ ان جي سر زمين تي قابض آهي، اسان ان غاضباڻي قدمن ۽ ظلمن جي ڪڏهن به حمايت نٿا ڪري سگهون ۽ ڪڏهن به پنهنجي فلسطيني ڀائرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، جيتوڻيڪ جن ملڪن اسرائيل کي تسليم ڪيو آهي اهو انهن جو پنهنجو فيصلو آهي ۽ انهن جي پنهنجي پرڏيهي پاليسي آهي، هن چيو ته ڪجهه اسلامي ملڪن پاران اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو بدقسمتي سان مسلمان ملڪن جي اندروني اختلافن جي خبر ڏين ٿا، جنهن سان ٻين اسلامي ملڪن ۽ مسلمان امت ۾ به ڳڻتي نظر اچي رهي آهي، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين سميت گڏيل چئلينجن جي لاءِ عالم اسلام کي متحد ٿيڻو پوندو، پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۾ پاڪ ايران فرينڊشپ گروپ قائم آهي جيڪو هڪ تمام وڏو گروپ آهي، اسان پنهنجي ڀائر پاڙيسري ملڪ ايران سان ٻطرفي لاڳاپن کي مختلف شعبن ۾ وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون. ايران ڪوئٽا جي گهڻو ويجهو آهي ۽ ڪوئيٽا بلوچستان جو صوبائي گادي وارو هنڌ آهي. بلوچستان جي صوبائي حڪومت وفاقي حڪومت سان گڏجي سرحدي انفرااسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ ٻطرفي واپار ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون ۾ آيل رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پاڪستان ٻطرفي سرحدي تعاون تحت سرحدي منڊين جي تعمير ۽ اقتصادي رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، هن ايراني حڪومت پاران ايران تي عالمي پابندين سميت ٻين چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ ايران جي ترقي ۽ خوشحالي جي حوالي سان ڪردار ۽ ڪوششن کي ساراهيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن اميد ظاهر ڪئي ته نئين آمريڪي انتظاميه عالمي ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، هن چيو ته شام، يمن، عراق، افغانستان، ڪشمير ۽ فلسطين سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ بدامني آهي، هن چيو ته پاڪستان ايران تي هڪطرفي اقتصادي پابندين جي مخالفت ڪري ٿو، هن چيو ته عالمي برادري کي ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ايران تي اقتصادي پابندي جي ڪري ڪورونا جي صورتحال ۾ ايراني قوم کي شديد مشڪلاتون ۽ چئلينج درپيش آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ سيڪيورٽي تعاون جي سخت ضرورت آهي، پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڊگهي سرحد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي دوستي جي علامت آهي. وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ايران سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿي ۽ سرحدي سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر بڻائي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهشمند آهي. هن ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻي سرحدي گيٽ وي جي افتتاح کي خوش آئينده قرار ڏيندي چيو ته ان سان ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ اضافو ٿيندو، هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ سرحد دوستي ۽ امن جي علامت آهي.اسان ٻنهي ملڪن جي سيڪيورٽي ادارن ۽ انٽيليجنس ايجنسين جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته ٻنهي طرفن کان سرحدن کي پار ڪرڻ ۾ اضافي ۽ اسمگلنگ کي روڪٿام جي حوالي سان سنجيده قدمن جي ضرورت آهي ته جئين باقاعدي ٻطرفي واپار کي فروغ ڏئي سگهجي، هن چيو ته اميد آهي ته نئون چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن ڪنهن ملڪ کي نشانو بڻائڻ بدران امن ۽ سلامتي جي حوالي سان قدم کڻندو، هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته نئين آمريڪي انتظاميه خطي ۾ امن ۽ عالمي تحفظ جي حوالي سان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي، هن ايران جي مشهور ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر محسن فخري زادي تي حملي جي مذمت ڪئي ۽ ان جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو، هن چيو ته اسان جي خطي کي امن ۽ سلامتي سان گڏوگڏ خوشحالي جي ضرورت آهي، اسان کي اميد آهي ته ماضي جي روايتن جي ابتڙ نئون آمريڪي صدر جوبائيڊن ملڪن تي دٻاءُ ۽ پابنديون لڳائڻ بدران امن لاءِ ڪم ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو