156

ڪلهوڙا حڪمران ۽ ”محمد آباد“ وارو تاريخي قبرستان

ليکڪ: استاد لغاري

 ميان يار محمد خان ڪلهوڙو:  ميان دين محمد خان کان پوءِ، سندس ٻئي نمبر ڀاءُ ميان يار محمد خان (لقب: خدا يار خان) ڪلهوڙي جي حڪمرانيءَ جو دور، سن 1700ع کان شروع ٿيو. هن سن 1718ع تائين ٽوٽل 18 سال راڄ ڪيو. سندس دور حڪمرانيءَ  ۾ ٻين به ڪيترن ئي واقعن کانسواءِ جھوڪ شريف (ميران پور) وارو وڏو واقعو رونما ٿيو. مقامي زميندارن حمل جت، نور محمد پليجي ۽ سيد عبدالواسع شاھه  جي چُرچ، مغل نواب اعظم خان جي معاونت ۽ يار محمد ڪلهوڙي جي صحيح سان، سن 1718ع ۾ صوفي شاھ عنايت لانگاھه رحه کي شهيد ڪيو ويو. صوفي شاھ عنايت جي شهادت وارو واقعو، ڪلهوڙا حڪمرانن جي تاريخ تي تا قيامت ڪارو داغ رهندو. ميان يار محمد کي 1718ع ۾ وفات کان پوءِ  خدا آباد واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

ميان نور محمد خان ڪلهوڙو: ان کان پوءِ ميان نور محمد خان (لقب شاهنواز خان) جي حڪمرانيءَ جو دور شروع ٿيو. ميان نور محمد خان جو جنم سن 1681ع ۾ ٿيو. سندس والد صاحب جو نالو ميان يار محمد خان هو. پاڻ سن 1718ع ۾ ڪلهوڙا خاندان جو چوٿون نمبر بادشاھه بنيو. سنڌ پرڳڻي تي ٿيندڙ ڪاهن، حملن ۽ يلغارن مان، هيءَ هميشه ڪامياب ٿيندو آيو. ان ڪري دهليءَ جي شاهي درٻار مان، کيس ”ثابت جنگ“ جو خطاب، پنج هزاري منصب ۽ نوبت جو عطيو عطا ٿيو. کيس احمد شاھه ابدالي دُراني، “شاهنواز خان” جي لقب سان نوازيو. ان کي نادر شاھه به “شاھ قلي خان” جو لقب ڏنو. ڪلهوڙا حڪمرانن مان هي پهريون حڪمران هو، جنهن ايڏا وڏا شاهي اعزاز ماڻيا،  سن 1750ع ۾ ايراني حملن کان بچاءُ خاطر، هن ”خدا آباد“  مان تخت تبديل ڪري، ”محمد آباد“  نالي شهر جوڙائي، ان کي سنڌ جو نئون تخت گاھه بنايو. هتان چار سال سنڌ جي معاملن جا فيصلا ايندا رهيا. هن صاحب ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کان توبون خريد ڪري، ملڪي دفاع کي مضبوط بنايو. اهي توبون اڄ به عمر ڪوٽ شهر ۾ موجود آهن. هن هڪ ڪتاب “منشور الوصيت و دستور الحڪومت” لکيو. هن هٿ سان قرآن الڪريم جا چار قلمي نسخا پڻ لکيا. سن 1753ع ۾ احمد شاھه ابدالي سنڌ تي ڪاھه ڪئي، ته ميان صاحب حڪمت عملي اختيار ڪندي، (يا ڀاڄ کائي) جيسلمير ڏانهن نڪري ويو ۽ اتي سن 1753ع ۾ ئي سندس وفات ٿي. ميان صاحب 35 سال سنڌ جو بادشاھه بنيو رهيو. ميان نور محمد خان جو جسدِ خاڪي، سندس وصيت موجب جيسلمير مان آڻي، محمد آباد ۾ دفن ڪيو ويو. هاڻي هي شهر ”تخت گاھ“ مان ڦِري ”مدفن گاھ“ بنجي ويو.

آخري ڪلهوڙا حڪمران: ميان نور محمد خان جي انتقال کان پوءِ، سندس وڏي فرزند ميان محمد مراد ياب خان (لقب سَر بُلند خان) سن 1753ع کان 1757ع تائين چار سال ميان محمد عطر خان سن 1757ع کان 1762ع تائين پنج سال، ميان غلام شاھه (لقب شمس الدولت) سن 1762ع کان 1772ع تائين ڏھه سال، ميان محمد سرفراز خان سن 1772ع کان 1777ع تائين پنج سال، ميان غلام نبي خان سن 1777ع کان 1782ع تائين پنج سال ۽ ميان عبدالنبي خان سن 1782ع ۾ صرف هڪ سال تائين ملڪ جون واڳون سنڀاليون،  اهڙيءَ ريت سنڌ تان ڪلهوڙا حڪمرانيءَ جو سج، هميشه هميشه جي لاءِ لهي ويو. (واضح ڪجي ٿو ته ڪتاب تحفت الڪرام، جنت السنڌ، صوفي شاھه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر ۽ انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ۾ سنن جو تمام وڏو تضاد موجود آهي. (خصوصي طور انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا، تاريخ جي غلطين جو ڀريل ڀنڊار ۽ خزانو آهي. ان ڪري اسان جي تحقيق ۾ اگر ڪٿي ڪا سهوَ نظر اچي، ته ان کي پنهنجي تحقيق مطابق تصحيح ڪري پوءِ پڙهندا، ته عين نوازش ٿيندي)

مائي ڄامان: ميان نور محمد ڪلهوڙي، ٿر جي مشهور ديني عالم ۽ بزرگ ميان عبدالله ڏيري جي معرفت ضلعي سانگھڙ جي هاڪاري زميندار مٺا خان جوڻيجي جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي جيڪا ميان غلام نبي خان ۽ ميان عبدالنبي خان ڪلهوڙي جي والده هئي، هيءَ هڪ مشهور سماج سڌارڪ عورت ٿي گذري آهي. هن ڪيتريون ئي مسجدون جوڙايون، کوھ کوٽايا ۽ مسافر خانا تعمير ڪرايا. چون ٿا ته ميان نور محمد جي وفات کان پوءِ، مائي ڄامان ڏاڍا ڏکيا ڏينهن به ڏٺا. سندس آخري آرامگاھه ميان نور محمد ڪلهوڙا قبرستان ”محمد آباد“  لڳ دولت پور صفن ۾ موجود آهي. (هلندڙ)

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو