70

ڪلوئي ۽ ڀرپاسي نقلي زرعي دوائن ۽ ڀاڻ جو وڪرو، فصلن کي نقصان

ڪلوئي(ويب ڊيسڪ)نئون ڪوٽ، شادي لارج، ڪلوئي شهر ۽ ڀرپاسي جعلي ۽ غيرمعياري ڪمپنين جون دوائون، ڀاڻ ۽ ٻج جو وڪرو زراعت کاتي جي آفيسرن جي آشرواڌ سان جاري آهي،  ضلعي ٿرپارڪر، ميرپور خاص  ۽بدين جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪيترائي غير رجسٽر دڪان کلي ويا، جتي نقلي ڀاڻ دوائون ٻج جو وڪرو ٿئي ٿو، جنهن جي استعمال سان فصل تباهه ٿي وڃي ۽ آبادگار معاشي طور ڪنگال بڻجي ويا آهن، هتي جي رهواسين ۽ آبادگارن حڪومت سنڌ، نيب سنڌ، اينٽي ڪرپشن سميت اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته زرعي دوڪانن جعلي ڪمپنين کان رشوت وٺي آبادگارن کي تباه ڪندڙ زرعي آفيسرن ۽ عملي خلاف انڪوائري ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو