182

ڪمالديرو ۾ ناليواري بزرگ علامه ميان غلام محمد مهيسر جو 85 هون عرس عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

سکر(ويب ڊيسڪ) خيرپور ضلعي جي شھر ڪمالديرو ۾ ناليواري بزرگ، علم دوست ادبي شخصيت علامه ميان غلام محمد مهيسر جو 85 هون عرس عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. ان موقعي تي ڪمشنر سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن شفيق احمد مهيسر مزار تي چادر چاڙهي عرس جو افتتاح ڪيو ۽ عرس ۾ آيل سمورن مهمانن توڙي اديبن شاعرن، سگهڙن سميت مختلف شعبن سان وابسته ماڻهن کي آجياڻو ڏنو ۽ سنڌي ثقافت اجرڪ ۽ ٽوپين جا تحفا پيش ڪيا. تقريب ۾ ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي، ناميارو شاعر اياز گل، ايس ايس پي خيرپور امير مسعود مگسي، ناليوارو محقق تاج جويو، شاعر نياز پنهور، ناول نگار ممتاز بخاري، ڊي سي خيرپور احمد علي قريشي، اختر علي قريشي، ڊي سي منور علي مٺياڻي، پروفيسر الطاف اثيم، مختيار ملڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مک تقريب کي خطاب ڪندي سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد جي چيئرمين محمد علي مانجهي، ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي، ڊي سي ڪشمور منور علي مٺياڻي، شاعر گل محمد گل بخاري، امر نوشاد، ممتاز بخاري، پروفيسر الطاف اثيم، مختيار ملڪ، تاج جويو، نياز پنهور ۽ ٻين چيو ته علامه ميان غلام محمد مهيسر علم جو عرفان هو، اڄ خوشي آهي ته اعليٰ آفيسر به علم ادب سان محبت ڪن ٿا ۽ اهڙا پروگرام ڪرائن ٿا، عالم اهو آهي جيڪو پنهنجي علم تي ناز نه ڪري. هنن چيو ته اسانکي نفرتن کان پاڪ رهڻ گهرجي ۽ علامه غلام محمد مهيسر جو خاندان هن وقت به امن پيار ۽ ڀائيچاري جو پيغام پکيڙي رهي آهي. ان موقعي تي ميان غلام محمد مهيسر جي عرس واري موقعي تي شايع ٿيل سووينيئر جي مهورت پڻ ڪئي وئي  ۽ مختلف شخصتين کي مڃتا سرٽيفيڪيٽ ڏنا ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو