201

ڪمتري ۽ برتري وارا احساس ۽ سماجي رويا….

ليکڪ: بشير جانوري 

ماڻھو صحتمند سرگرميون انھن خطن، ملڪن ۽ معاشرن ۾ ڪري سگھي ٿو جتي سماج امن پسند، رنگ ۽ نسل کان مٿانھون سڀني شھرين کي برابري جي بنياد تي ھڪجھڙو ماحول فراھم ڪندو آھي.غريب معاشرن ۾ تنگدستي اونچ نيچ ذات پات رنگ نسل جي فرق جو اھڙو ته ڄار وڇايو ويندو آھي جو ماڻھو تڪليفن ۽ پيڙائن کي ڀوڳيندي ڀوڳيندي احساس محرومي جو شڪار ٿي سياسي سماجي  ۽ معاشي سرگرمين کان ڪٽجي پنھنجو ڪارج وڃائي ويھندو آھي.ماڻھو کي سڃاڻڻ پرکڻ ۽ سمجھڻ انتھائي ڏکيو عمل آھي ڇاڪاڻ ته ھر ھڪ ماڻھو الڳ سوچ ۽ سمجهھ رکي ٿو.ڪجهھ ماڻھو پاڻ کي عقل ڪُل سمجھي ٻين کي بي عقل تصور ڪندا آھن ۽ ٻين جي چڱاين بدران خرابين تي نظر رکي ڪيڙا ڪڍي خوار خراب ڪرڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪري پاڻ کي مٿانھون ڪري پيش ڪندا آھن.ان قسم جا ماڻھو ننڍي ھوندي ڪافي  تڪليفن مشڪلاتن ۽ ڀوڳنائن مان نڪري اڳتي اچن ٿا.اھي معاشرتي اثر مٿن سموري ڄمار رھن ٿا.ھو انھن اثرن ۽ لقائن کي قبولي سموري ڄمار گذاري  ڇڏين ٿا. ماڻھو ضدي ۽ ھوڏي ھوندا آھن؟ يا اھي ماڻھو پاڻ کي مٿانھون يا برتر ڇو سمجھندا آھن تن کي سمجھڻ لاءِ ضروري آھي ته ماڻھو جي نفسيات کي چڱي طرح سمجھجي.ھونئن به پاڻ کي اعليٰ ۽ مٿانھون سمجھڻ ڪو چڱو گڻ ڪونھي.گرو رجنيش اوشو چوي ٿو ته ”اھو تصور ئي غير انساني آھي ته آءُ سڀني کان اعليٰ آھيان“ اسان جنھن معاشري ۾ رھون ٿا اتي ڪيترائي مسئلا ۽ مونجھارا آھن، جن منجھان گذرڻو پوي ٿو.ڪجهھ ٻار اھڙا ھوندا آھن جن جا والدين ننڍي ھوندي گذاري وڃن ٿا.ويجھن عزيزن مٽن مائٽن جي ڇڏي ڏيڻ ڪري ھو مختلف تڪليفن کي منھن ڏين ٿا.ماڻھن جا اڻ وڻندڙ رويا تشدد، جنسي حراسمينٽ انهن ۾ ذھني خلفشار وڌائي بغاوت تي اڪسائي ٿو، جڏھن ھو وڏا ٿي عملي زندگي ۾ پير پائن ٿا ته تلخ تجربا کين ضدي بنائي ڇڏين ٿا.ڪافي ماڻھو غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذاريندا آھن.محڪومين مجبورين ۽ بيوسين سبب اھي ماڻھو احساس ڪمتري جو شڪار ٿي ويندا آھن.زندگي ۾ اڳتي ھلي اھي ڀلي ڪنھن چڱي عھدي يا منصب تي پھچي وڃن پر منجھن پيدا ٿيل احساس محرومي ساري ڄمار سندن پيڇو ڪندي رھندي آھي.ننڍي ھوندي جن ماڻھن کي ڪا ڪمي يا کوٽ رھندي آھي وڏي ھوندي ھو ان شيءِ کي حاصل ڪرڻ جي جستجو ڪندا رھندا آھن مثال طور جيڪڏهن ڪو ٻار ننڍي ھوندي سٺن ڪپڙن کان محروم رھيو آھي اھو وڏو ٿي ڪيڏي به مال ملڪيت گڏ ڪري وٺي پر ھو ڪوشش ڪري سٺي کان سٺا ڪپڙا خريد ڪري پائڻ جي ڪوشش ڪندو رھندو آھي يا ضرورت کان وڌيڪ ڪپڙا سانڍي رکندو آھي.ائين ئي جيئن ننڍي ھوندي سٺي کاڌي کان محروم ٻار وڏو ٿي سوادي کاڌي جي تلاش ۾ رھندو آھي.مطلب ته جنھن ماڻھو ۾ جھڙي کوٽ ھوندي آھي تنھن جي پورائي لاءِ جدوجھد ڪندو رھندو آھي.ڪجهھ ماڻھو اھڙا به ھوندا آھن جيڪي وڏن عھدن ھوندي به احساس ڪمتري جو شڪار رھندا آھن، ھو عھدي مطابق عزت مان مرتبو چاھيندا آھن.جيڪڏھن کين گھربل پروٽوڪول ناھي ملندو ته ھو دل ئي دل ۾ ڪڙھڻ لڳندا آھن.ڪجهھ ماڻھو جيڪڏهن ڪنھن محفل ۾ موجود ھوندا آھن ته ڪوشش ڪري پاڻ کي مٿانھون ثابت ڪرڻ لاءِ گھڻو ڳالھائيندا آھن يا محفل ۾ موجود ماڻھن بابت سوچيندا رھندا آھن ته اھي ماڻھو سندس ذات خلاف سوچي ته نه رھيا آھن پر حقيقت ان جي ابتڙ ھوندي آھي جيڪا پڻ احساس محرومي جي علامت آھي.ھڪ اھڙو ماڻھو جنھن ۾ خوبيون ۽ خصلتون ته موجود آھن پر ھو موجود خوبين کان وڌيڪ پاڻ کي ظاھر ڪري ٿو.اھو ماڻھو احساس برتري جو شڪار آھي.احساس برتري پڻ احساس محرومي جو ٻيو نالو آھي.اسان جي معاشري ۾ اھڙا به ماڻھو موجود آھن جيڪي ناانصافين برائين ۽ بڇڙاين کان پري رھندا آھن ۽ ھو سموري سماج کي انصاف پسند ۽ حقيقت جي اک سان ڏسندا آھن.ظاھر آھي ته سڀ ماڻھو ھڪجھڙو رويو خوبيون يا خاصيتون ناھن رکندا.ھو جڏھن پنھنجي اوسي پاسي ۾ ڪا بي واجبي يا نا انصافي ٿيندي ڏسندا آھن ۽ ڪوشش ھوندي به ڪجهھ ناھن ڪري سگھندا ته اڳتي ھلي سوچي سوچي احساس محرومي جو شڪار ٿي ويندا آھن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو