92

ڪمند جي آبادگارن سان اگهن ۾ انصاف ٿيڻ گهرجي…

ايڊيٽوريل

آبادگارن ڪمند جو في مڻ اگهه 250 مقرر ڪرڻ ۽ شگر ملز آڪٽوبر جي آخر ۾ هلائڻ جي گهر ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته پاسما 222 رپيا في مڻ رکڻ جي تجويز ڏني آهي، جنهن ڪري اگهه بابت ڪو به فيصلو نه ٿي سگهيو آهي.ان سلسلي ۾ زراعت کاتي واري صلاحڪار منظور وساڻ جي صدارت ۾ ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ، وقت تي شگر ملون هلائڻ بابت شگرڪين بورڊ جو اجلاس ٿيو . اجلاس ۾ بورڊ  جي ميمبر ايم پي اي سيد ذوالفقار علي شاهه، سيڪريٽري زراعت عبدالرحيم سومرو، زرعي توسيع کاتي جو ڊي جي هدايت الله ڇڄڙو، سنڌ آبادگار بورڊ جو سينيئر نائب صدر محمود نواز شاهه، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، محمد عمر ٻگهيو، سنڌ چيمبرآف ايگرڪلچر  جا عهديدار ۽ پاسما جا عملدار شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ڪمند جي قيمت مقرر ڪرڻ ۽ وقت تي شگر ملون هلائڻ ۽ آبادگارن جي مسئلن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان موقعي تي صلاحڪار منظور حسين وساڻ ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت جي هدايت تي سنڌ ۾ آبادگارن جا مسئلا ڪرڻ ترجيحن ۾ شامل آهن، منظور وساڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ھلندڙ مھيني ان لاءِ جلدي اجلاس گهرايو آهي ته جيئن ڪمند جو مسئلو حل ڪري سگهجي، ڪمند جي آبادگارن 250 رپيا في مڻ قيمت مقرر ڪرڻ  ۽ شگر ملز آڪٽوبر ۾ هلائڻ جي تجويز ڏني آهي، پاسما ڪمند جو اگهه 222 روپيا مڻ مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، منظور وساڻ چيو ته سنڌ جي آبادگارن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين، پيپلز پارٽي جو منشور آهي ته سنڌ جي آبادگارن کي مضبوط ڪيو وڃي، ارسا پاران سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ڏيڻ سبب ڪمند سميت ڪيترن ئي فصلن کي ڪافي نقصان پهتو آهي. منظور وساڻ جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته هن مسئلي کي جلد حل ڪيو وڃي ۽ شگر ملز مالڪ شگر ملون وقت تي هلائين. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جو اسٽاڪ موجود آهي پر وفاقي حڪومت ڄاڻي واڻي ٻاهران گهرائي پئي، سنڌ حڪومت بصرن، سارين، ڪڻڪ، ڪمند ۽ ٻين فصلن جون نيون جنسون متعارف ڪرايون آهن. اسان سمجهون ٿا ته ملڪ ۾ هن وقت کنڊ جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ شگر ملز مافيا وقت بوقت کنڊ بليڪ ۽ مهانگي ڪري عوام جي کيسن تي ڪروڙن جا ڌاڙا هنيا آهن پر کنڊ لاءِ ڪمند پوکيندڙ آبادگار کي فصل جو مناسب اجورو به نٿو ڏنو وڃي، آبادگارن کي ڪمند جو ايترو اگهه ملي ٿو جو فصل جو خرچ به نٿو لهي، مٿان وري ظلم اهو آهي ته سالن جا سال ملن جا مالڪ انهن کي بقايائون نٿا ڏين، هن وقت به سنڌ جي مختلف شگر ملز ڏانهن آبادگارن جا ڪروڙين رپيا رهتون آهن جيڪي کين نه پيون ملن، اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت پاران هن مسئلي تي جلدي ڌيان ڏيڻ بهتر عمل آهي ۽ ڌرين سان گڏجي ويهي اگهه طئه ڪرڻ وارو عمل به ساراهه جوڳو آهي پر اصل مسئلو اهو آهي ته سدائين غريب آبادگار طبقي کي ڪس ڏئي ملن کي ڪسر ڏني ويندي آهي، هن ڀيري جيئن ته گهٽ پاڻي هجڻ سبب فصلن کي به نقصان رسيو آهي، ان ڪري آبادگارن جي گهر مناسب آهي، جنهن کي حل ٿيڻ گهرجي، اميد آهي ته سنڌ حڪومت ان حوالي سان بهتر فيصلا ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو