103

ڪنري پورهيت واقعو، وڏي وزير نوٽيس ورتو، صوبائي وزير ۽ صلاڪار تڏي پهتا، انصاف جي خاطري

ڪنري (ويب ڊيسڪ) 6 ڏينهن اڳ ڳوٺ پيارو خان چانڊيو ۾ بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل ٻن سئوٽن محمد اشرف چانڊيو ۽ عبدالطيف چانڊيو ۽ صدمي ۾ فوت ٿيل سندن ڀاڻيجي مومل چانڊيو جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ نوٽيس ورتو، وڏي وزير جي هدايتن تي صوبائي وزير نواب تيمور ٽالپر ۽ صوبائي صلاحڪار رسول بخش چانڊيو الڳ الڳ فوتين جي تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي ۽ واقعي بابت تفصيل معلوم ڪيا، تعزيت بعد صوبائي وزير نواب تيمور ٽالپر صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته واقعي تي انتھائي گھڻو ڏک ٿيو آھي، جھڙي نااھل وفاقي حڪومت آھي، اھڙا ئي نااھل انھن جا ڪارندا آھن، سمجهھ ۾ نه ٿو اچي ته جڏھن ڳوٺ وارن شڪايتون ڪيون پئي ته تارن کي درست ڪري ڏيو پوءِ به انھن ايڏي وڏي غفلت ڪئي، واپڊا وارن جي غفلت جي ڪري ٻه جانيون ضايع ٿي ويون، جنھن جو سخت کان سخت ايڪشن ورتو ويندو، جيڪي ماڻھو فوت ٿيا آھن انھن جي جانين جو ازالو ته نه ٿيندو پر سنڌ سرڪار ھنن متاثرن جي سٺي مالي مدد ڪندي ۽ جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏياري ويندي، ڪوشش ڪنداسين ته فوتين جي اولاد لاءِ ڪو نوڪري ڏئي سگھون، جيڪي به ملوث ماڻھو آھن انھن خلاف سخت کان سخت ايڪشن ورتو ويندو، ھوڏانھن چانڊيا برادري لاڙ پٽ جي سردار ۽ وڏي وزير جي صوبائي براءِ رليف رسول بخش چانڊيو صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته انتھائي ڏکوئيندڙ واقعو آھي ھڪ ئي گھر جا ٻه پورھيت ۽ صدمي ۾ ھڪ نياڻي فوت ٿي وئي، وفاقي ادارو نااھل آھي، ايڪسيئن، ايس ڊي او ۽ ٻيا ماڻھن کان رشوت وٺي پنھنجي من ماني ۽ مستيون ڪن ٿا، اها اداري جي نااھلي آھي، داخل ڪرايل ايف آئي آر ۾  ڄاڻايل جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ڦاھي جي سزا ڏياري اسان پنھنجي چانڊين جو حساب وٺنداسين، واقعي جو ڪوبه ٺاھ نه ڪيو ويندو، حيسڪو چيف خلاف به ڪاروائي ٿيڻ گھرجي، واقعي جو وزيراعليٰ سنڌ سان به ڳالھائيندس ۽ چانڊين جي مدد ڪرائي ويندي، ڪيس ۾ ايڪسيئن ۽ ايس ڊي او کي به شامل ڪري سخت کان سخت سزا ڏياري وڃي، چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ ڪو چيئرمين آصف زرداري کي گذارش ڪندس ته واقعي جو نوٽيس وٺي ملوث ماڻھن خلاف ڪاروائي ڪرائن،ان موقعي تي اڳوڻو ايم پي اي نواز چانڊيو ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو