116

ڪنهن کي مايوسي ڏسڻي آهي ته مولانا فضل الرحمان جو ڦوٽو ڏسي وٺي: فواد چوڌري

لاهور (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته ڪنهن کي مايوسي ڏسڻي آهي ته مولانا فضل الرحمان جو ڦوٽو ڏسي وٺي. اداڪار شان سان امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي ڊي ايم کي سمجهه نه پيو اچي ته ڇا ڪرڻو آهي، مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي اکين ۾ مايوسي نظر اچي رهي آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي مايوسي ڏسڻي آهي ته هو مولانا فضل الرحمان جو ڦوٽو ڏسي وٺي، جنهن جي ڪري اڄ پاڪستان کي اهي ڏينهن ڏسڻا پئجي رهيا آهن، هو اسان کي اڄ مشورا ڏئي رهيا آهن، اهي ماڻهو مهانگائي جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، جن جي ڪري عوام بيمار ٿي هئي، مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو ٻڌائين ته اهو هاڻي اهڙو ڇا ڪندا جيڪو گذريل 30 سالن ۾ نه ڪري سگهيا، سندن ڪوشش آهي ته کين عدالتن مان رليف ملي. هن چيو ته پي ڊي ايم وٽ ڪو به منصوبو ناهي، حڪومت مخالف ڌر کي ڀِت سان لڳائڻ نٿي چاهي، پر پي ڊي ايم مولانا جي مدرسن جي ٻارڙن ذريعي احتجاج ڪرڻ چاهي ٿي ۽ فرقيواريت تي ٻڌل پارٽين کي پاڻ ملائڻ چاهي ٿي، مخالف ڌر اهڙي نموني حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري، مولانا اچي ۽ چونڊن ۾ حصو وٺي، ڌرڻي لاءِ ننڍڙو خيمو ته اسان ئي لڳرائي ڏينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو