ڪوٽلي (ويب ڊيسڪ) لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج بناجواز فائرنگ ۽ گولاباري ڪري ٻن عورتن سوڌو 4 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج بناجواز شهري آبادي کي نشانو بڻائي رهي آهي، فوج تته پاني ۽ جندروٽ سيڪٽر وٽ اوچتو فائرنگ ۽ گولاباري ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، ڀارتي فوج جي فائرنگ ۽ گولاباري سبب رهواسي لڏپلاڻ تي مجبور آهن. ٻئي پاسي پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ دشمنن جون توپون خاموش ٿي ويون.
