141

ڪوئيٽا ۽ چمن ۾ فائرنگ جا واقعا، 3 ڄڻا مارجي ويا

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)  ڪوئيٽا ۽ چمن ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا. رپورٽن مطابق ڪوئيٽا جي علائقي نوان ڪلي ۾ رشتي جي تڪرار  سبب فائرنگ ۾ فيروز نالي نوجوان مارجي ويو. ٻئي پاسي سرياب روڊ تي اڻ ڄاتل شخص فائرنگ ڪري هڪ شخص کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته بائي پاس روڊ تي اڻ ڄاتل ماڻهو جي فائرنگ ۾ نوجوان اختر جان مارجي ويو. هوڏانهن پوليس واقعن جا ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو