152

ڪوئيٽا ۾ هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ، عورت سوڌو 2 ڄڻا مارجي ويا

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار هڪ عورت سوڌو 2 ڄڻا مارجي ويا آهن. رپورٽن مطابق زوب ۾ ڪوئيٽا روڊ تي اڻڄاتل هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ناري ۽ نوجوان مارجي ويا، جن جا لاش سول اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. ليويز مطابق مقتول ڪوئيٽا کان زوب اچي رهيا هئا ته مٿن فائرنگ ڪري کين قتل ڪيو ويو. قتل ڪيل نوجوان اسد خان پشتونخواه ميپ اڳواڻ، اڳوڻي سينيٽر رضا محمد جو سئوٽ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو