43

ڪورونا جا وڌندڙ ڪيس، سياست ۽ اسان جي ذميواري…

ليکڪ: اياز خاصخيلي

نيٺ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ مومينٽ ملتان ۾ پنھنجو شو ڪري ڏيکاريو. ملتان جلسو پي ڊي ايم ٺھڻ کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ ٽف ٽائيم ڏيندڙ جلسو ھو، جتي جلسي ٿيڻ کان ڪجهھ ڏينھن پھريان پڪڙ ڌڪڙ شروع ٿي ويئي ته جئين پي ڊي ايم اھو جلسو نه ڪري سگھي پر باوجود ڪورونا ٿريٽ ۽گرفتارين جي پي ڊي ايم اھو جلسو ڪيو جنھن مان ھاڻ اھو اندازو لڳائڻ مشڪل ناھي ته پي ڊي ايم جو لاھور جو جلسو ۽ انکانپوءِ اسلام آباد جو دنگل پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ بي چيني آڻي سگھن ٿا.

ٿورڙي پوئتي هلي ڏسنداسين ته پاڪستان ۾ مارچ 2020ع ۾ ڪورونا جو پهريون ڪيس سنڌ ۾ رپورٽ ٿيو ۽ اهو ڪيس ايران مان واپس ايندڙ هڪ زائر ۾ ظاهر ٿيو، سنڌ واويلا ڪرڻ شروع ڪئي ته ڪورونا کي سنجيده وٺو، وفاق جي ڪن تي جونءِ به نه چري، انهن اهو به سمجهيو ته ڪورونا سنڌ ۾ ظاهر ٿي آهي ۽ سنڌ ۾ رهندي، ان ڪري سنڌ جي آواز کي مذاق بڻايو ويو ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي ئي ڪورونا سڄي پاڪستان کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، ڪيسن جو تعداد سون ۽ هزارن کان ٿيندي لکن تائين پهتو، اسپتالون ڀرجي ويون، ڊاڪٽر گهٽ پئجي ويا، وينٽيليٽر کٽي ويا، مايوسي ۽ پريشاني جي فضا قائم ٿي وئي، ان هوندي به وزيراعظم سميت وفاقي حڪومت وبا کي سيريئس نه ورتو، ڪورونا وگهي ڪجهه نامور شخصيتون به راهه رباني وٺي ويون، تعليمي ادارن جي بند هجڻ سبب تعليم متاثر ٿي، ڪيترائي ملازم نوڪرين مان فارغ ٿيا، گهڻن جي گهرن جون چلهيون اجهامي ويون پر وفاقي حڪومت پنهنجي هوڏ تي قائم رهي ۽ وبا روڪڻ لاءِ خاص ڪم نه ڪيو، ان باوجود قدرت مهربان ٿي ۽ وچ جولاءِ کان ماڻهن جي مرڻ ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي ته اسان جي ماڻهن ۽ سرڪار سمهجهيو ته هاڻ وبا ختم ٿي وئي، ان ڪري ايس او پيز جهڙوڪر ختم ڪيو ويو پر 13 آڪٽوبر کان ٻيهر ڪورونا جا ڪيس آهستي آهستي وڌڻ لڳا.هاڻ اها تيزي حڪومت اوچتو نظر اچڻ شروع ٿي وئي پر ان وچ ۾ پي ڊي ايم به جڙي ويو، جنهن سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ وڏا جلسا به ڪيا، گلگت بلتستان ۾ وڏا چونڊ ميڙاڪا به ٿيا، اليڪشن به ٿي وئي ۽ گلگت ۾ ٽيڪنيڪل طريقي سان حڪومت کي کٽرائي انهن جي سرڪار به قائم ڪئي وئي آهي، ان دوران ڪورونا وڌندي رهي، ڪنهن به ان تي ڌيان نه ڏنو،  جڏهن پشاور جلسي کانپوءِ مخالف ڌر ملتان ڏانهن رخ ڪيو ته حڪومت ڪورونا وڌڻ جي واويلا شروع ڪري ڏني ۽ ملتان ۾ جلسو روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي،  ملتان ۾ حڪومت تشدد وارو طريقو به اختيار ڪري ڏٺو، جنهن ۾ اها مڪمل ناڪام ٿي آهي ۽ حڪومت جي اهڙي رويي مخالف ڌر جي اتحاد پي ڊي ايم کي وڌيڪ مقبوليت ڏني آهي. سياسي ڳالهيون ۽ سياسي راند پنهنجي جاءِ تي پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته حڪومت ۽ اپوزيشن مان ڪورونا جي مسئلي تي ڪا به ڌر سنجيده نه آهي ۽ ٻنهي ڌرين جي سنجيده نه هجڻ سبب عام ماڻهو به سنجيده ڪونهي. هن وقت تائين پاڪستان جي صورتحال اپريل ۽ مئي واري آهي، تقريبن 3 کان 4 هزار نوان ڪيس روز ظاهر ٿين پيا ۽ 40 کان 50 ماڻهو ايوريج جي حساب سان مرن ٿا، موت جي شرح اڳ کان وڌيڪ آهي، گذريل مهيني ڏيڍ ۾ پاڪستان جون نالي واريون شخصيتون ڪورونا جو شڪار ٿي حياتي وڃائي چڪيون آهن، پر هاڻ اڳ وارو خوف ناهي رهيو، سڀ کان پهريان حڪومت کي ماڊل طور سنجيدگي ڏيکارڻي پوندي ۽ سڀ کان پهريان پنهنجي صفن ۾ بهتري آڻڻي پوندي، جيئن ڪو ٻيو ان تي آڱر نه کڻي، پوءِ مخالف ڌر ۽ عوام کي چوڻو پوندو ته هاڻ اوهان به ڪورونا خلاف جنگ ۾ اسان سان گڏ وڙهو. يقينن جيڪڏهن حڪومت ائين ڪيو ته سڀ گڏجي ويندا، هن وقت لاڪ ڊائون ايس او پيز هوندي به ڪافي نرمي آهي پر عوام کي به ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، خاص ڪري ماسڪ پائڻ، سماجي وٿي، هٿ ڌوئڻ، سينيٽائيز ڪرڻ کي  پنهنجي عادتن جو حصو بڻائڻو پوندو، جيئن گهٽ ۾ گهٽ اسان هن وبا کان محفوظ رهي سگهون، ڀلي دنيا جي وڏين دواساز ڪمپنين ڪورونا ويڪسين جي تياريءَ جون دعوائون ڪيون آهن پر انهن دعوائن جو اسان تي ايندڙ 4، 5 سالن ۾ ڪو به فرق پوڻو ناهي، ڇو ته پهريان انهن ويڪسينن جي مارڪيٽ ٿيڻ ۾ وقت لڳندو، ان کانپوءِ دنيا جي سڌريل ملڪن جيڪي اڳواٽ ڪروڙين ويڪسينن جا آرڊر ڏنا آهن، انهن کي اهي ويڪسينون ملنديون، ها اسان وٽ شايد چين جي تعاون سان ڪا ويڪسين اڳ اچي وڃي ته اها معجزو ليکبي، ان ڪري ويڪسينن جي آسري کي هڪ سائيڊ تي رکي پنهنجو ۽ پنهنجي پيارن جو خيال رکي انهن کي هن وبا کان بچائڻ لاءِ صحت جي عالمي اداري پاران ڏنل هدايتن مطابق احتياطي قدم کڻڻا پوندا. باقي رهي ڳالهه سياست جي ته ڪافي وقت پيو آهي، سياست ڪري وٺبي، هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجو دفاع ڪريون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو