134

ڪورونا جي سنگين ٿيندڙ صورتحال، احتياط ئي بچائي سگهي ٿو….

ايڊيٽوريل

ملڪ ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ کانپوءِ نيون پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن، ان حوالي سان تعليم واري وزارت هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي گادي واري هنڌ اسلام آباد جا سمورا تعليمي ادارا 11 اپريل تائين بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ان عرصي دوران امتحانن سميت هر تعليمي سرگرمي تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، ڊي سي اسلام آباد سخت پيغام ڏيندي چيو آهي ته ڀڃڪڙي ڪندڙ اسڪولن جي پرنسپالن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، هوڏانهن ضلعي انتظاميا پڻ هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي پهرين اپريل کان هر قسم جي مارڪيٽ ۽ شادي جي تقريبن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، اسلام آباد ۾ راندين جي ٽورنامينٽن، سماجي تقريبن ۽ مذهبي تقريبن تي پڻ پابندي لاڳو ڪندي 4 علائقن ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته اسلام آباد ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 16 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي، جڏهن ته لاهور ۾ ان کان به سنگين صورتحال آهي ۽ اتي ڪورونا ڪيسن جي شرح 23 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، ان حوالي سان لاهور ۾ ماسڪ نه پائيندڙن خلاف هن وقت تائين 83 ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته راولپنڊي، سرگوڌا، فيصل آباد ۽ پنجاب جي ٻين شهرن ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 8 سيڪڙو کان وڌڻ تي اتي سخت لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي، هوڏانهن وزيراعظم عمران خان قوم جي نالي تي پيغام ۾ چيو آهي ته ڪورونا جي ٽئين لهر پهرين ۽ ٻئين کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، ان ڪري تمام گهڻو احتياط ڪيو وڃي، هن چيو ته مون هڪ سال دوران سخت احتجاج ڪيو، ڪنهن جي شادي نه ويس، ڪنهن هوٽل ۾ ماني نه کاڌي، سماجي فاصلو رکڻ سان گڏ ماسڪ به استعمال ڪيو، ان ڪري پهرين ۽ ٻئين لهر کان محفوظ رهيس، هن چيو ته سينيٽ جي چونڊن ۾ احتياط نه ڪرڻ سبب آئون به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويس. ان ڪري تاڪيد ڪيان ٿو ته ماسڪ پايو، ڇو ته ماسڪ پائڻ سان متاثر ٿيڻ جو خطرو گهٽ هوندو آهي.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسان مڪمل لاڪ ڊائون نٿا ڪري سگهون، ڇو ته اسان وٽ وسيلا نه آهن، ته ڪورونا دوران ماڻهن کي بند ڪريون ۽ سهولتون ڏيون، امير ترين ملڪن وٽ به وسيلا نه آهن، ان ڪري گهٽ ۾ گهٽ ايس او پيز تي پوري طرح عمل ڪيو وڃي، هن چيو ته ڪورونا جي ٽئين لهر انگلينڊ مان آئي آهي ۽ لاهور، اسلام آباد ۽ پشاور ۾ انگلينڊ کان وڌيڪ ماڻهو آيا، ان ڪري اتي ڪيس وڌي رهيا آهن، هن چيو ته جيڪڏهن ڪورونا ائين تيزي سان پکڙبو ويو ته اسپتالون ڀرجي وينديون ۽ ڪورونا ويڪسين به نه پئي ملي، سڄي دنيا ۾ ويڪسين جي کوٽ ٿي وئي آهي، جيڪي دنيا اسان کي چيو پئي اها ويڪسين به نه پئي ملي، هن چيو ته شادين ۽ هوٽلن ۾ نه وڃو، ڪاروبار ۽ فيڪٽريون بند نٿا ڪري سگهون، ان ڪري احتياط ڪريو.

اسان سمجهون ٿا ته ملڪ اندر ڪورونا جي سنگين ٿيندڙ صورتحال يقينن اها تقاضا ڪري ٿي ته اسان ان کان بچڻ ۽ پنهنجن پيارن کي بچائڻ لاءِ سخت کان سخت احتياطي تدبيرون اختيار ڪريون، وزيراعظم جي ان ڳالهه جي حمايت ڪندي اسان به قوم کي اپيل ٿا ڪريون ته وڌ کان احتياط ڪيو وڃي، جيتوڻيڪ سنڌ  ۽ بلوچستان ۾ ڪيسن جي شرح گهٽ آهي، پر ٻنهي صوبن جي رهواسين کي ان شرح کي اتي ئي روڪڻ لاءِ اڳواٽ احتياطي اپاءَ وٺڻا پوندا، اسان سڀني کي سنجيدگي سان نه صرف ايس او پيز تي عمل ڪرڻ گهرجي، پر پنهنجي ڀرپاسي ۾ رهندڙ ماڻهن کي پڻ آگاهي ڏيڻ گهرجي، جيئن هن مرض کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪي سگهجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو