ايڊيٽوريل
ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪيس ڏينهون ڏينهن وري زور وٺي رهيا آهن. ان حوالي سان خبرون آهن ته پنجاب ۾ برطانوي ڪورونا وائرس خطرناڪ قسم جا وار ڪري رهيو آهي، ان ڪري حڪومت پنجاب ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. خبرون آهن ته برطانيه مان آيل ڪورونا وائرس جي نئين قسم پنجاب ۾ پنهنجا پير پختا ڪري ورتا آهن، ان ڪري حڪومت لاهور جي 16، گجرات جي 17 ۽ راولپنڊي جي 4 علائقن ۾ اڄ کان سمارٽ لاڪ ڊائون جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڄاڻايل علائقن ۾ فروٽ، سبزي، کير، گوشت جا دڪان ۽ بيڪريون شام جو 7 وڳي تائين کليل رهنديون، جڏهن ته ٻيا سمورا ڪاروبار بند هوندا ۽ ڄاڻايل علائقن ۾ انتهائي ضرورت تحت صرف هڪڙو گهر جو فرد ئي ٻاهر نڪري سگهندو. جڏهن ته ڄاڻايل علائقن کي ڇڏي پنجاب جا سمورا ڪاروباري مرڪز به سومر کان شام جو 6 وڳي بند ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ويو آهي ته ڇنڇر ۽ آچر تي مارڪيٽون مڪمل بند ڪيون وينديون ۽ نجي ۽ سرڪاري آفيسن ۾ رڳو 50 سيڪڙو عملو ڪم ڪندو. سڀ کان وڌيڪ متاثر 7 شهرن لاهور، راولپنڊي، سرگوڌا، فيصل آباد، ملتان، گوجرانوالا ۽ گجرات ۾ سمورا شادي هال، مزارون، درگاهون، سئنيمائون ۽ ڪميونٽي سينٽر بند ڪيا ويا آهن. هوڏانهن نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي صوبن کي حفاظتي انتظامن تي سختيءَ سان عمل جو چئي ڇڏيو آهي. اين سي او سي ڪي پي ڪي جي ڪجهه شهرن ۾ به لاڪ ڊائون تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڄاڻايو ويو آهي ته ڪجهه ملڪن مان عالمي سفر تي وڌيڪ پابندين بابت فيصلو اسٽيڪ هولڊرز سان مشوري کانپوءِ ڪيو ويندو.
اِها انتهائي ڳڻتيءَ واري صورتحال آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ٽئين لهر به تيزيءَ سان پکڙجي رهي آهي، اسان سمجهون ٿا ته پراڻن تجربن تحت جيڪڏهن وقت سر حفاظتي قدم کنيا وڃن ها ته شايد ان لهر کي پکڙجڻ کان اڳ ئي روڪڻ ممڪن هو، پر بدقسمتيءَ سان اسان انهن احتياطن ۽ اپائن کان ڪن لاٽار ڪئي. جيتوڻيڪ برطانيه ۾ ڪورونا جي نئين قسم بابت 3 کان 4 مهينا اڳ ئي آگاهي ملي چڪي هئي ۽ اِهو به ٻڌايو ويو هو ته اِهو نئون قسم ڪووڊ-19 کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، نه صرف ايترو پر اِهو به ٻڌايو ويو هو ته ان جي پکڙجڻ جي رفتار به اڳئين مرض کان وڌيڪ تيز آهي ۽ سڄي دنيا ان حوالي سان احتياطي قدمن طور سفري پابندين سان گڏ ايئرپورٽن تي خاص انتظام پڻ ڪيا هئا پر اسان اهڙن انتظامن ۽ احتياطي قدمن کڻڻ کان گسي وياسين، جنهن جي ڪري اڄ اسان وٽ صورتحال وڌيڪ سنگين رخ اختيار ڪري رهي آهي ۽ اسان کي مجبورن وري نه صرف ڪاروبار پر اسڪول پڻ بند ڪرڻا پئجي ويا آهن. اسان سمجهون ٿا ته هِن ڳڻتيءَ واري صورتحال ۾ اسان کي هڪ قوم وانگر گڏيل پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي ۽ بنا ڪنهن فرق جي سمورن صوبن کي ان حوالي سان احتياطي قدم وڌيڪ سخت ڪرڻا پوندا، خاص ڪري سنڌ حڪومت کي ڄاڻايل سڄي صورتحال تي ڪرڙي نظر رکي پنهنجي صوبي ۾ اڳواٽ حفاظتي قدم لاڳو ڪري ان تي عمل ڪرڻو پوندو، ڇو ته ان مرض کان سنڌ هِن وقت آجي آهي، جيئن ته اسان وٽ اڳ ئي فنڊن جي کوٽ آهي ۽ جيڪڏهن ڪا اهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي ته نه صرف حڪومت پر عوام به ڀوڳيندو، ان ڪري ڪابه اڻ وڻندڙ صورتحال پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي حڪمت عملي تحت ان جي رستا روڪ ڪرڻي پوندي.