202

ڪورونا جي ٽئين لهر: سنڌ حڪومت پاران سڄي صوبي ۾ نئين پابندين جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪورونا جي روڪٿام لاءِ سڄي صوبي ۾ نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن. رپورٽن مطابق ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر ۾ تيزيءَ کانپوءِ سنڌ حڪومت نيون پابنديون مڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ گهرو وزارت ڪاروباري وقت جي حوالي سان نئون حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي عمل اڄ رات کان 15 اپريل تائين هوندو. نوٽيفڪيشن مطابق سنڌ ۾ ڪاروباري مرڪز رات 10 وڳي بند ڪرڻا پوندا ۽ ڄاڻايل پابندي سمورن ڪاروباري سرگرمين تي هوندي، مارڪيٽون، شاپنگ مال ۽ شادي هال رات 10 وڳي بند ڪيا ويندا، جڏهن ته ميڊيڪل اسٽورن، ڪلينڪن، اسپتالن ۽ پيٽرول پمپن کي ڇوٽ حاصل هوندي. نوٽيفڪيشن مطابق تفريحي ماڳ ۽ پارڪ شام 6 وڳي بند ڪيا ويندا، سڄي سنڌ ۾ مزارون اڄ کان مڪمل طور تي بند هونديون، انڊور ڊائننگ ريسٽورنٽ، جم، انڊور اسپورٽس ڪلب، سينيما ۽ ٿيٽر به بند رهندا، ان ڊور شادين واري تقريبن تي پابندي هوندي، شادي هالن ۾ 3 سئو ماڻهن جي شرڪت جي اجازت هوندي. سنڌ جي گهرو کاتي مطابق آفيسن ۾ 50 سيڪڙو اسٽاف کي سڏايو ويندو ۽ گهر مان ڪم کي ترجيح ڏني ويندي، شهرين کي ماسڪ لازمي پائڻو پوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو