145

ڪورونا سبب نيوزيلينڊ جون زميني سرحدون هلندڙ سال بند رکڻ جو اعلان

ولنگٽن(ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن ڪورونا وبا جي ڪري ملڪ جون زميني سرحدون هلندڙ سال بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب وزيراعظم چيو آهي ته صحت اختياريون عالمي سطح تي ڪورونا ويڪسين جي فراهمي جو تعين نه ڪنديون، تيستائين هلندڙ سال زميني سرحدون بند رهڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته اهي قدم ڪورونا ڪيسز ۾ اضافي وارن خدشن جي ڪري کنيا ويا آهن. هن چيو ته دنيا ۾ موذي وائرس جا خطرا ۽ عالمي سطح تي ويڪسين جي غير يقيني صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسان توقع ڪري سگهون ٿا ته هن سال اسان جي سرحدن تي اثر پوندو. هن چيو ته نيوزيلينڊ حڪومت آسٽريليا ۽ ماٺي سمنڊ جي ويجهڙائي وارن ملڪن سان سامونڊي واپار بدستور جاري رکندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو