اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي سربراهه وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته ڪورونا جو نئون قسم انتهائي تيزيءَ سان پکڙجندڙ ۽ انتهائي خطرناڪ آهي، ماڻهن طرفان مزاحمت جي ڪري ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ انتهائي مشڪل بڻيل آهي. نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي اسد عمر وڌيڪ چيو ته اسان گذريل هفتي وارننگ ڏيڻ شروع ڪئي هئي، ان جو ڪارڻ برطانيا مان ايندڙ اسٽرين آهي ۽ ٿڌ ۾ هن اتي تمام گهڻي تباهي آندي، ملڪ ۾ احتياطي تدبيرون اختيار نه ڪيون ويون ته حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته صوبن سان صلاح مشورن کانپوءِ سخت پابنديون مڙهي سگهون ٿا.
