51

ڪورونا وائرس جي ٻي لهر: سياسي جلسن تي پابنديءَ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي ٻي لهر کي نظر ۾ رکندي سياسي جلسن تي پابنديءَ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. جوڊيشل ايڪٽوازم پئنل جي سربراهه ايڊووڪيٽ اظهر صديق پاران لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، عوامي مفادن واري درخواست ۾ ڪورونا جي ٻي لهر تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪورونا جي شديد پکيڙ سبب اسپتالن ۾ بسترا گهٽ ٿي ويا آهن، عالمي وائرس کان بچاءَ لاءِ جلسن جلوسن ۽ ٻين ميڙن تي پابندي لڳائڻ وقت جي ضرورت آهي. درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته اسپتالن ۾ فارميسيز کي 24 ڪلاڪ لڳاتار کوليو وڃي، سينيئر پروفيسرن جي رات جي وقت ۾ به ڪورونا وارڊ ۾ موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي، وارثن کي مريضن بابت آگاهه ڪيو وڃي ۽ وڊيو ڪالز جي سهولت کي به يقيني بڻايو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو