165

ڪورونا تي ضابطي لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو ورچوئل اجلاس نيويارڪ ۾ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وبا جي ڏس ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو 31 هون خصوصي ورچوئل اجلاس نيويارڪ ۾ جاري آهي جيڪو اڄ پڄاڻي تي پهچندو. ٻن ڏينهن واري خصوصي اجلاس جو مقصد ڪورونا وبا جي اثرن ۽ ان کان بچاءُ جي لاءِ کنيل قدمن جو جائزو وٺڻ سميت معيشت کي پهچندڙ نقصانن تي ڌيان ڏيڻ آهي. اجلاس ۾ مختلف ملڪن جا سربراهه شرڪت ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان به اجلاس کي اهم خطاب ڪيو، جنهن ۾هن ڪورونا کان بچاءُ بابت پاڪستان حڪومت پاران کنيل قدمن جو نه رڳو تفصيلي احاطو ڪيو پر ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 10 نقاطي ايجنڊا پڻ پيش ڪئي. ڪورونا جي پهرين لهر دوران وزيراعظم عمران خان پاران اختيار ڪيل سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي کي دنيا ساراهيو آهي ۽ ڪيترائي ترقي يافته ملڪ به پاڪستان جي طرز تي معيشت کي مٿي آڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن. پاڪستان ۾ وبا جي ڪري معاشي چئلينجز جو جنهن دليراڻي انداز ۾ مقابلو ڪيو ويو ان کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو ويو. احساس پروگرام ۽ ماڻهن کي روزگار جي فراهمي سميت تعميراتي شعبي جي بحالي جي لاءِ غيرمعمولي قدم ان جا واضح مثال آهن جنهن جو ذڪر هن پنهنجي خطاب  پڻ ڪيو. ذريعن موجب اجلاس جي پهرين ڏينهن مختلف سيشنز دوران سربراهن جي انفرادي سطح تي شرڪت کانسواءِ پينل جي سطح تي پڻ بحث ٿيا جن ۾ وبا جي تدارڪ، مستقبل جي حڪمت عملي ۽ ويڪسين جي تياري جي حوالي سان غور ڪيو ويو، انگن اکرن موجب ڪورونا جي وبا نه رڳو گڏيل قومن جي 75 سالا تاريخ ۾ صحت جو سڀ کان وڏو بحران آهي پر سماجي، معاشي، سلامتي ۽ انساني حقن جي حوالي سان ان کي سڀ کان وڏو انساني الميو قرار ڏنو پيو وڃي جنهن ترقي يافته ۽ ترقي پذير ملڪن ٻنهي کي ئي بري طرح سان متاثر ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان به پنهنجي تقرير ۾ چيو ته 1930ع کانپوءِ هن وقت وبا جي ڪري دنا کي عظيم ٻاڙائي درپيش آهي. اسرندڙ ملڪ معيشت کي سنڀالڻ جي قابل نه آهن ۽ ٻن کان ٽن ٽريلين ڊالر جو به بندوبست نه پيا ڪري سگهن. اجلاس جي پهرين ڏينهن جي خطابن ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اينتونيو گٽريس ۽ ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروديو اسرندڙ ملڪن جي امداد تي ڳالهه ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو