اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪورونا ويڪسين لاءِ پاڪ فضائيا جو خاص جهاز چين روانو ٿي ويو آهي. رپورٽن مطابق پاڪ فضائيا جو خاص جهاز آءِ ايل 78 ڪورونا ويڪسين آڻڻ لاءِ نور خان ايئربيس کان چين جي گادي واري هنڌ بيجنگ ڏانهن روانو ٿي ويو آهي، پهرين کيپ ۾ ڪورونا ويڪسين جون 5 لک خوراڪون آنديون وينديون. چيني وزيراعظم عطيو ڪيل ڪورونا ويڪسين پاڪستان حوالي ڪندو، جيڪي اسپتال ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف کي لڳائي ويندي.
