12

ڪورونا وگهي وڌيڪ 148 ماڻهو فوت، هلندڙ هفتو خطرناڪ قرار، وڌيڪ پابنديون لڳائڻ جو فيصلو، وڏا شهر بند ڪرڻ تي غور

اسلام آباد / ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ تيزي اچي رهي آهي. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 148 ماڻهو فوت ٿيا. جن مان 52 ماڻهو وينٽيليٽرز تي هئا.  گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ ماڻهو خيبرپختونخوا ۾ فوت ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ پوري ملڪ ۾ 5 هزار 499 ماڻهو ڪورونا سان متاثر ٿيا. هن وقت ملتان ۾ 85 سيڪڙو، لاهور ۾ 81 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 88 سيڪڙو ۽ مردان ۾ 91 سيڪڙو  وينٽيليٽرز تي مريض موجود آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 71 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو،  نوشهره  ۾ 68 سيڪڙو ۽ سوات ۾ 66 سيڪڙو مريض آهن. هوڏانهن نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر  جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا بريفنگ ڏيندي اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ جي ڪري جمع کان وڌيڪ پابنديون لڳائينداسين. جڏهن ته ڪجهه وڏا شهر بند ڪرڻا پئجي سگهن ٿا. اسد عمر چيو ته اين سي او سي ۾ ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويو. صورتحال بهترين نه نظر اچي رهي آهي، گذريل سال قوم ايس او پيز تي عمل ڪيو، هن ڀيري عمل نه ٿي رهيو آهي ۽ حفاظتي تدبيرون ڏسڻ ۾ نه اچي رهيون آهن، جڏهن ته انتظاميه به ڪارروائي نه ڪري رهي آهي، اسد عمر چيو ته ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسز جي شرح 13 سيڪڙو ۽ حيدرآباد ۾ 14 سيڪڙو آهي، اسپتال ويندڙ مريضن جو تعداد 600 کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، انهن مريضن جي پهچڻ کان پوءِ ڪجهه جي طبعيت وڌيڪ خراب ٿيندي آهي ۽ کين آڪسيجن لڳائڻي پوندي آهي، اسد عمر چيو ته آڪسيجن تي مريضن جو تعداد 4500 کان ٽپي ويو آهي، جون ۾ وبا جي پهرين لهر ۾ آڪسيجن ۾ ڪورونا جا مريض 3400 کان وڌيڪ هئا يعني هن ڀيري 30 سيڪڙو وڌيڪ آڪسيجن تي آهن، هن چيو ته اسان جو هلندڙ هفتو انتهائي خطرناڪ آهي، پاڪستان ۾ وبا جي شروع کان اڄ تائين هن هفتي ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو انگ سڀ کان وڌيڪ آهي، ڪيترائي شهر اهڙا آهن جتي وينٽي ليٽرز جو استعمال 80 سيڪڙو کان به وڌيڪ ٿي ويو آهي، ملڪ ۾ جيڪا آڪسيجن ٺاهي ويندي آهي ان جو مقدار به ڪو گهڻو نه آهي، ان لاءِ اسان جي آڪسيجن جي سپلائي چين خطرناڪ حد تائين وڌندي نظر اچي رهي آهي، وفاقي وزير جو چوڻ هو ته اڄ اين سي او سي ۾ وڌيڪ ڪجهه فيصلا ڪيا جنهن کي صوبن سان شيئر ڪنداسين ۽ جمع تي انهن فيصلن جو اعلان ڪنداسين، جنهن ۾ وڌيڪ پابنديون وڌائڻيون پونديون ڇوته جهڙي طرح هن وقت وبا جي پکيڙ آهي، ان وبا جو زور فوري نه ٽوڙيو ته وڏا شهر بند ڪرڻ بنا ٻي ڪابه واٽ نه رهندي، هن وڌيڪ چيو ته هن وقت صورتحال گهڻي سنگين آهي، انتهائي سنجيدگي جي ضرورت آهي ۽ قوم کي اپيل ڪريان ٿو ته سنجيدگي ڏيکاري، اسان وٽ آخري موقعو آهي، هاڻي وڏا شهر بند نه ڪري رهيا آهيون، پر اسان وٽ ڪجهه ڏينهن جي گنجائش آهي، جيڪڏهن قوم کان وڌيڪ سنجيدگي ۽ تعاون نظر آيو، انتظاميه ڪردار ادا ڪيو ۽ اميد آهي ته اهو قدم نه کڻڻو پوي، ٻي صورت ۾ وڏا وڏا شهر بند ڪرڻ بنا ٻي ڪا واٽ نه آهي. ٻي پاسي سنڌ جي صحت واري صوبائي وزير عذره پيچوهو پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته ڪراچي ۾50 سيڪڙو ڪورونا ڪيسن ۾برطانيا وارو  وائرس آهي، هن چيو ته اهو وائرس تيزي سان پکڙجي پيو،پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾اڳ ۾ پکڙجي چڪو آهي، ان وائرس جي ڪري ڪراچي ۾موت ٿين پيا،گهڻا ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو