32

ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت اهو ڪيو، جيڪو مودي ڪيو: حماد اظهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت اهو ڪيو، جيڪو مودي گذريل سال ڪيو هو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت کي سکڻ گهرجي ته ڪيئن عالمي وبا کي منهن ڏنو پيو وڃي،  ڪراچي شهر ڏانهن ايندڙ بسن کي 35 ڪلوميٽر پري ڪاٺوڙ وٽ روڪيو پيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته مسافر دربدر ۽ پريشان آهن، ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ اين سي او سي فيصلن جي ڀڃڪڙي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو