117

ڪورونا ڪيس وڌيا ته مڪمل لاڪ ڊائون تي مجبور ٿي وينداسين،نتيجن جي ذميوار پي ڊي ايم ٿيندي:وزيراعظم

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ڊي ايم پنهنجي جلسن جي ذريعي عوام ۽ انهن جو روزگار ڄاڻي واڻي خطري ۾ وجهي رهي آهي، هي لکين جلسا ڪري وٺن پر انهن کي ڪو اين آر او نه ملندو. آچر ڏينهن پنهنجي ٽويٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي وبا جي ٻي لهر جا انگ اکر ڳڻتي جوڳا آهن. گذريل 15 ڏينهن وينٽيليٽرز جي محتاج مريضن جو انگ پشاور 200 سيڪڙو، ملتان 200 سيڪڙو، ڪراچي 148 سيڪڙو، لاهور 114 سيڪڙو ۽ اسلام آباد 65 سيڪڙو وڌي ويو آهي. اسلام آباد ۽ ملتان جا 70 سيڪڙو وينٽيليٽرز استعمال هيٺ آهن. هن چيو ته هن وقت پوري دنيا ٻي لهر جي وڪڙ ۾ آهي ۽ ڪيترائي ملڪ مڪمل طور تي بندشون (لاڪ ڊائون) لاڳو ڪري چڪا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ پي ڊي ايم پنهنجي جلسن جي تسلسل تي اصرار ذريعي عوام ۽ انهن جو معاش ڄاڻي واڻي خطري ۾ وجهي رهي آهي ڇو ته جيڪڏهن ان شرح سان ڪيسز وڌندا رهيا ته اسان مڪمل لاڪ ڊائون ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين ۽ نتيجن جي ذميوار پي ڊي ايم هوندي. هن چيو ته مخالف ڌر اين آر او حاصل ڪرڻ جي مايوس ڪندڙ ڪوششن ۾ انتهائي سفاڪيت سان عوام جون زندگيون ۽ روزگار تباهه ڪري رهي آهي. آئون اهو واضح ڪريان ڇڏيان ته هي لکين جلسا ڪري وٺن، ڪو اين آر او نه ملندو. وزيراعظم چيو ته آئون لاڪ ڊائون جهڙو قدم نه ٿو کڻڻ چاهيان ڇو ته ان سان اسان جي معيشت جي بحالي جا قدم متاثر ٿيندا. بدقسمتي سان مخالف ڌر اين آر او جهڙي هدف جي تعاقب ۾ آهي ڀلي عوام جي زندگين کان وٺي ملڪي معيشت تائين ان جي جيڪا به قيمت هجي.ٻي پاسي منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته چئن مهينن کان پوءِ پهريون ڀيرو ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 50 کان وڌي ويو آهي، هن چيو ته اهو انتهائي ضروري آهي ته قوم هڪ ٿي ٻيهر احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري، ته جيئن اسان ماڻهن جي صحت جي به حفاظت ڪريون ۽ ماڻهن جي روزگار کي به بچائي سگهون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو