167

ڪورونا ۾مبتلا جوڙي جي حفاظتي سوٽ پائي شادي، وڊيو وائرل

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ جتي روز ڪورونا سبب هزارين ماڻهو موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن، اتان هڪ دلچسپ خبر سامهون آئي آهي، ڪورونا ۾ مبتلا جوڙو حفاظتي ڪٽس پائي شادي جون رسمون ادا ڪري رهيو آهي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي.وائرل وڊيو ۾ڀارتي جوڙو پي پي اي ڪٽس پائي شادي جون رسمون ادا ڪري پيو، 19 اپريل تي گهوٽ جو ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيو،حفاظتي سوٽ پائي رسمون ادا ڪيون، مهانگن جوڙن بدران سستي پي پي اي ڪٽس ۾شادي سان گهٽ خرچ ٿيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو