اسلام آباد/ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب 149 ڄڻن جون حياتيون ضايع ٿي ويون، 6127 ڪيس پازيٽو اچي ويا، وفاقي سرڪار اٺين جماعت تائين تعليمي ادارا عيد تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، سنڌ حڪومت به اسڪولن ۾ اٺين جماعت تائين تدريسي عمل پهرين مئي تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي سربراهي ۾بين الصوبائي تعليم وارن وزيرن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ڪورونا وائرس جي ڪري پهرين کان 8 جماعت تائين تعليمي ادارا عيد تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته پهرين کان اٺين جماعت تائين تعليمي ادارا عيد تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، متاثر ضلعن ۾نائين کان 12هين جماعت تائين ڪلاس هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن ورتا ويندا ته جيئن شاگرد بورڊ جي سالياني امتحان جي تياري ڪري سگهن، هن چيو ته 9 کان 12هين جماعت تائين امتحان مئي جي آخري هفتي کان اڳ نه ٿيندا، ٻئي طرف ملڪ ۾ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 149 ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته 71836 ٽيسٽن مان6127 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، هلندڙ سال وبا دوران رڪارڊ ڪيس سامهون آيا، پازيٽو ڪيسن جي شرح 8.5 سيڪڙو رهي آهي، هوڏانهن سنڌ حڪومت اسڪولن ۾ اٺين جماعت تائين پهرين مئي تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪورونا ڪيس وڌڻ ڪري تدريسي عمل 21 اپريل کان شروع نه ٿيندو، پهرين مئي تائين اسڪول بند رهندا، ان دوران ٻارن جي تعليم آن لائين،واٽس ايپ،اي ميل ۽ ٻين متبادل ذريعن سان جاري رکي ويندي. نائين ۽ 12هين جماعت تائين جا ڪلاسز 50 سيڪڙو حاضري سان جاري رهندا، جاري ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا، جڏهن ته 532 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ڪراچي ۾250،حيدرآباد 112، شڪارپور ۾20،عمر ڪوٽ ۾15،لاڙڪاڻي ۾12،سانگهڙ ۾12،گهوٽڪي ۾10،بدين ۾10،خيرپور ۾8،شهيد بينظير آباد ۾8 ۽ سجاول ۾8 ڪيس پازيٽو آيا آهن، جڏهن ته سکر ۾ 8، ٽنڊي محمد خان ۾ 8، ٺٽي ۾ 8، مٽياري ۾ 8، قمبر ۾ 6، جيڪب آباد 5، ڪشمور ۾ 4، دادو ۾ 4، ميرپورخاص ۾ 3، ٽنڊو الهيار ۾ 3 ۽ نوشهروفيروز ۾ هڪ ڪيس ظاهر ٿيو آهي.
