207

ڪوريا مان پاڪستان آيل اليڪٽرڪ ڪارون کڻي ايندڙ ٽرالر سان حادثو، گاڏيون تباهه

نوابشاهه (ويب ڊيسڪ) نوابشاهه ڀرسان قومي شاهراهه تي ڪوريا مان پاڪستان آيل اليڪٽرڪ ڪارون کڻي ايندڙ ٽرالر سان حادثو پيش آيو آهي، جنهن سبب ٽرالر ۾ لوڊ ٿيل گاڏيون تباهه ٿي ويون آهن. موٽر وي پوليس مطابق نوابشاهه ۾ دولتپور ڀرسان قومي شاهراهه تي ڪراچي کان لاهور ويندڙ تيز رفتار ٽرالر ڪلٽي ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽرالر ۾ لوڊ 13 اليڪٽرڪ ڪارون تباهه ٿي ويون، ڄاڻايل ڪارون ڪوريا مان پاڪستان پهتيون هيون. موٽر وي پوليس مطابق هن وقت تائين حادثي ۾ ڪنهن جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

ڪوريا مان پاڪستان آيل اليڪٽرڪ ڪارون کڻي ايندڙ ٽرالر سان حادثو، گاڏيون تباهه” ایک تبصرہ

  1. توهانجي اخبار سٺي آهي پر جيڪڊهن پڙهندڙن لاءِ ب ڪا ڱمجاءش هجي ت جيءي هو ب ڪا پهنجي لکڻي اوهان تاءين پهچاءي

پنهنجي راءِ ڏيو