201

ڪوٽڙي جي مندر ۾ مورتين کي پاتل زيور ۽ تاج چوري، رپورٽ داخل

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ چور مندر مان مورتين جا تاج، زيور ۽ روڪ رقم چوري ڪري ويا. الشهباز ڪالوني ڪوٽڙي ۾ گجراتي پاڙي جي گرو مندر مان چور دروازي جا تالا ڀڃي مورتين تي پيل سونا تاج ۽ زيورن سميت پيتي ۾ پيل روڪ رقم چورائي ويا. مندر جي انچارج شنڪر لعل جي فرياد تي ٿاڻي تي مندر مان چوري جي اين سي داخل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪوٽڙي پوليس موجب چورن جي ڳولها جاري آهي. چوري ٿيل تاجن، زيورن ۽ روڪ رقم جي ماليت لکين رپيا ٻڌائي پئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو