42

ڪوٽ لالو حادثي جا سمورا ذميوار گرفتار ٿيڻ گهرجن..

ايڊيٽوريل

ڪوٽ لالو ڀرسان وين جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار هڪ ئي ڪٽنب جي هڪ ئي اسڪول ۾ پڙهندڙ 5 شاگردن سميت 6 ٻارڙا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، 2 ڏينهن اڳ ڪوٽ لالو ڀرسان مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي ڳوٺ غلام نبي آرائين اسٽاپ وٽ المرتضيٰ وين سروس جي هڪ گاڏي اسڪول ويندڙ ٻارڙن جي موٽرسائيڪل مٿان چڙهي وئي، جنهن سبب ڳوٺ حسين بخش مري جا رهواسي 5 شاگرد 12 ورهين جو برسات علي، سندس 7 ورهين جو ڀاءُ حبدار علي، 9 ورهين جو علي جان، سندس هڪ سال  وڏو ڀاءُ 10 ورهين جو ظفر علي ۽ 7 ورهين جو مظفر علي فوت ٿيا آهن، حادثي ۾ 18 ورهين جو امتياز علي مري پڻ حياتي وڃائي چڪو آهي، جڏهن ته هڪ شاگرد انتظار علي زخمي ٿيو آهي، واقعي بابت ٻڌايو پيو وڃي ته مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي بنا روٽ پرمٽ هلندڙ وينن وچ ۾ سوارين کڻڻ واري مقابلي سبب ڄاڻايل روٽ تي حادثن جي حوالي سان مشهور المرتضيٰ وين سروس جي گاڏي موٽرسائيڪل مٿان چڙهي وئي، جنهن سبب 3 ٻارڙا موقعي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 3 ٻارڙا زخمي ٿيا، حادثي جو ذميوار ڊرائيور بيرحمي سان ٻار ڪچلي فرار ٿي ويو، جڏهن ته زخمي ٻارڙن کي کڻي اسپتال پهچائڻ لاءِ اين جي اوز حوالي ڪيل تعلقي فيض گنج واري اسپتال ۾ اطلاع ڏنو ويو، جتان انتظاميا ايمبولينس خراب هجڻ جو جواز ڄاڻائي ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنهن بعد حادثي جا زخمي ٻارڙا گڏهه گاڏن ۽ مقامي سطح تي سوارين ۾ کڻي اسپتال آندا ويا، پر گهڻو رت وهڻ سبب 3 ٻارڙا اسپتال ۾ ئي فوت ٿي ويا، جيتوڻيڪ واقعي واري ڏينهن ايم پي اي ساجد ٻانڀڻ پهچي متاثرن کي خاطريون پڻ ڪرايون پر اڃا تائين ڪا خاطر خواهه اڳڀرائي ناهي ٿي، فوتي ٻارڙن جي چاچي جي فرياد تي ڪوٽ لالو ٿاڻي تي وين سروس جي مالڪ غلام مرتضيٰ ڪٻر، الطاف حسين ڪٻر ۽ ناويد علي ڪٻر خلاف قتل جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي پر پوليس اڃا تائين هڪ به جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي، ڇو ته ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار ڄاڻايل ڌر طاقتور آهي، ان ڪري پوليس سندن خلاف ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار نه آهي.

اسان سمجهون ٿا ته هي حادثو نه پر قتل آهي، هڪ وين جي ڊرائيور سرعام موٽرسائيڪل مٿان گاڏي چاڙهي ٻه ٻه ڀائرن سميت هڪ ئي ڪٽنب جي 6 ڄڻن کي حياتي کسي وڃي ٿو ۽ قانون حرڪت ۾ نٿو اچي، افسوس جي ڳالهه ته اها آهي ته حادثي واري ڏينهن پيارن جي لاش تي احتجاج ڪندڙن کي ضلعي جو پوليس آفيسر پهچي داٻا ۽ ڌمڪيون ڏئي ٿو، جڏهن ته اهو اهڙو وقت هو جو سندن زخمن تي مرهم رکجي ها، پر اسان جا عملدار اهڙي موقعي تي به مرهم کان آجا هوندا آهن، ان ڪري اهي لوڻ ٻُرڪي ڇڏيندا آهن. مهراڻ نيشنل هاءِ وي جنهن کي علائقي ۾ خوني روڊ چيووڃي ٿو، ان تي هيوي ٽرئفڪ گذرڻ مٿان پابندي لاڳو ٿيل آهي، پر مقامي انتظاميا توڙي ضلعي پوليس کيسا گرم ڪرڻ لاءِ پئسا وٺي وڏين گاڏين کي گذرڻ ڏين ٿا، جنهن سبب حادثا پيش اچن ٿا، رپورٽن مطابق ٽن سالن اندر ڄاڻايل روڊ تي حادثن ۾ 50 انساني جانيون ضايع ٿيون آهن، جڏهن ته150 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي معذور ٿي ويا آهن، ان باوجود ضلعي انتظاميا توڙي قانون حرڪت ۾ نٿو اچي، اسان سمجهون ٿا ته ڄاڻايل حادثي ۾ وارثن جي داخل ڪرايل ڪيس تحت سمورا جوابدار گرفتار ڪري انهن خلاف جاچ جون گهربل ذميواريون پوريون ڪري انهن کي قانون موجب سزا ڏياري وڃي، ته جيئن اڳتي ڪي وڌيڪ معصوم ٻار حياتيون وڃائڻ کان بچي پون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو