لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته اسڪواڊ جو نيوزيلينڊ وارو دورو پرجوش آهي ۽ اميد آهي ته نيوزيلينڊ ۾ ڪارڪردگي بهتر هوندي، رنسون رڳو بابر اعظم کي ناهن ڪرڻيون. قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعظم جو چوڻ هو ته پاڪستاني ٽيم بيڪ ٽو بيڪ سيريز کيڏي رهي آهي، انگلينڊ جي دوري کانپوءِ زمبابوي خلاف سيريز ۽ پوءِ پاڪستان سپر ليگ جا مئچز کيڏيا آهن، ان لاءِ رانديگر پراعتماد آهن، نيوزيلينڊ ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ رانديگر پراعتماد آهن. بابر اعظم جو چوڻ هو ته ٻاهرين ملڪن ۾ اسان جي ڪارڪردگي بهتر آهي، انگلينڊ ۾ پاڪستان سٺي ڪرڪيٽ کيڏيو، نوجوان ڪرڪيٽرن جي انفرادي ڪارڪردگي به سٺي رهي، نيوزيلينڊ ۾ به اسان جو رڪارڊ سٺو رهندو. هن چيو ته نوان چئلينجز آهن، ڇوته نئين ذميواري ملي آهي پر مون تي ڪوبه دٻاءُ ناهي، مان لطف اندوز ٿي رهيو آهيان، مون هميشه سکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سرفراز احمد ۽ اظهر علي کان گهڻو ڪجهه سکيو آهي.
