79

ڪينيڊا ۾ پاڪستاني خاندان جي گهر تي حملو، پٽ قتل، پيءُ اغوا

هملٽن (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊا ۾ پاڪستاني خاندان جي گهر تي حملو، پٽ قتل، پيءُ اغوا، رپورٽ موجب ڪينيڊا جي  هملٽن شهر ۾ هٿياربندن گهر ۾ گهڙي گهر ڀاتين تي فائرنگ ڪري ڏني،گوليون لڳڻ ڪري ٻه ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا،جن مان اسپتال نيئندي هڪ نوجوان دم ڏنو، جڏهن ته ٻئي زخمي فقير علي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، پوليس قتل ٿيل شخص جي سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي، اوڏانهن هٿياربند گهر جي سربراهه کي اغوا ڪري ويا، وحشياڻي تشدد کانپوءِ کيس مئل سمجهي 6 ڪلاڪن کانپوءِ دريا جي ڪناري تي اڇلائي فرار ٿي ويا، جنهن کي پڻ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو