108

ڪينٽونمينٽ بورڊز جي چونڊن ۾ شهرين ڀرپور ساٿ ڏنو: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪينٽونمينٽ بورڊز جي چونڊن ۾ شهرين اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ پيپلز پارٽي انهن چونڊن ۾ تاريخي فتح حاصل ڪئي، آئينده به شهرين جا مسئلا حل ڪنداسين، ترقياتي ڪم ڪرائينداسين ته جيئن اها فتح برقرار رهي، اهڙو اظهار هن ڪالهه منوڙه ڪينٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ چونڊيل نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو، مرتضيٰ وهاب چيو ته منوڙي مان پيپلز پارٽي جي ”سوڀ“ اسان سڀني جي ”سوڀ“ آهي، اسان سمورين برادرين جا ٿورائتا آهيون جو انهن اسان جو ساٿ ڏنو، هن چيو ته منوڙي مان چونڊيل نمائندا شهرين جي خدمت کي پنهنجو فرض بڻائين ۽ پنهنجي علائقي جي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته جتي منهنجي يا سنڌ حڪومت جي ضرورت هوندي اوهان اسان کي پاڻ سان گڏ ڏسندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو