103

ڪي ايم سي آفيسر ۽ ملازم پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر، سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانون بابت وزير اعليٰ سنڌ جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪي ايم سي آفيسر ۽ ملازم پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪن ۽ شهري خدمت جي هر ممڪن ادائگي کي يقيني بڻائين، اداري جي ڪارڪردگي بهتر ٿيڻ سان ملازمن جا مسئلا به پاڻ مرادو حل ٿي ويندا ۽ شهرين جو اعتماد به بحال ٿيندو. اها ڳالھ هن ڪالهه پنهنجي آفيس ۾ ميونسپل ورڪرز ٽريڊ يونين الائنس جي عهديدارن سان ملاقات ۾ ڪئي. ان موقعي تي ميٽرو پوليٽن ڪمشنر ڪي ايم سي افضل زيدي، ميونسپل ورڪرز ٽريڊ يونين الائينس جو صدر سيد ذوالفقار شاھ، ڪنوينر ڪي ايم سي رٽائرڊ ايمپلائيز ڪميٽي ڊاڪٽر سعيد اختر، امير حيدر، سردار يوسف، اشرف اعواڻ، جاويد بلوچ، حبيب الرحمان اعواڻ، غلام حسين شاھ، زبير مراد، شاهد قادري، ڪيپٽن شبير جدون، الياس جدون، سردار يونس ۽ ٻيا ميمبر موجود هئا. اجلاس جي دوران ميونسپل ورڪرز ٽريڊ يونين الائينس پاران بلديه عظميٰ ڪراچي جي مختلف کاتن ۽ ملازمن کي پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي جن ۾ رٽائرڊ ۽ فوتي ملازمن جي پينشن، گريجويٽي جي ادائگي، اپگريڊيشن، مشينري پول، ٽائيم اسڪيل جا ڪيس، 2019، 2020 ۾ وڌايل پنشن جون رهتون، پگھارن ۾ واڌارو ۽ رهتن جي ادائگي، فائر برگيڊ ۾ خالي آسامين جي ڀرتي، 30 مهينن جو اور ٽائيم جي رهتن جي ادائگي، انجنيئرنگ ڊپارٽمنٽ جي ڊرائيورن جا ٽرانسفر ۽ پگھارن جو مسئلو، ملازمن جي ميڊيڪل جا مسئلا ۽ فوتي ڪوٽا تي ڀرتي، ڪي ايم سي ڪواٽرز جي مرمت ۽ سارسنڀال ۽ ڊي ايم سي جي ملازمن کي الاٽمنٽ جي بندش، خسته حال عمارتن جي فوري مرمت، 2018 ۾ مستقل ٿيل ملازمن، اي ڪنٽريڪٽ سروس جي منتقلي، اوور ايج ملازمن جي جوائننگ، ڪي ايم سي جي مختلف کاتن ۾ استعمال هيٺ گاڏين جي مرمت ۽ سمورن کاتن جي آمدني ۽ رڪوري وڌائڻ لاءِ اصلاحن جا مسئلا شامل هئا. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي کين يقين ڏياريو ته انهن سمورن مسئلن جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو ۽ هر ممڪن ڪوشش هوندي ته انهن مسئلن کي جلد از جلد حل ڪيو وڃي. اي پي  

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو