پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختون خوا (ڪي پي ڪي) حڪومت ليجنڊ اداڪارن دليپ ڪمار ۽ راج ڪپور جي اباڻن گهرن جو مُلهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي حڪومت طرفان دليپ ڪمار جي گهر جي قيمت 80 لک 56 هزار روپيا جڏهن ته راج ڪپور جي گهر جي قيمت ڏيڍ ڪروڙ رويا مقرر ڪئي وئي آهي، ٻنهي اداڪارن جي اباڻن گهرن جو مُلهه مقرر ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل ڪاغذن مطابق ڊي سي پشاور پاران راج ڪمار جي گهر جي ايراضي 6 ايڪڙ 3 گهنٽا ڄاڻائي وئي آهي ان زمين جي قيمت هڪ ڪروڙ 15 لک روپين کان وڌيڪ لڳائي وئي آهي جڏهن ته دليپ ڪمار جي گهر جي ايراضي 4 ايڪڙ آهي جنهن جي قيمت 72 لک 80 هزار روپيا مقرر ڪئي وئي آهي، ياد رهي ته ڪي پي ڪي حڪومت ٻنهي ليجنڊ اداڪارن جي گهرن کي ميوزم ۾ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ انهن ٻنهي گهرن جي زمين خريد ڪري ان ۾ ميوزم قائم ڪيو ويندو. 28
