ليکڪه: شيرين خاصخيلي
قدرت واري پنهنجي تخليق انسان لاءِ هن ڌرتي تي لکين نعمتون پيدا ڪيون آهن، جن مان ماڻهو فائدو وٺن ٿا، انهن ۾ هزارين قسمن جا ميوا، معدنيات به آهن ته انسان جي تفريح لاءِ لکين نظارا پڻ آهي ۽ اهڙو ذڪر رب سائين پنهنجي پاڪ ڪتاب قرآن شريف ۾ به ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو آهي ته ” ۽ اوهان پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ“ اهڙين نعمتن ۾ سڀني کان وڌيڪ مفيد نعمت ميوو آهي ۽ انهن مان وري ڪجهه ميوا اهڙا آهن، جيڪي مخصوص علائقن يا ملڪن جي سڃاڻپ بڻيل آهن، جيئن کجور، سعودي عرب جي سڃاڻپ آهي، اهڙي طرح سان زيتون به هزار نعمتن وارو ميوو آهي، جيڪو پڻ عرب ملڪن ۾ سڀ کان پهريان پيدا ٿيو ۽ انهن ٻنهي ميون جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ پڻ آهي، ساڳي طرح سنڌ جو سنڌڙي انب سنڌ جي سڃاڻپ آهي، ۽ اهو ميوو دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڀلي پوکيو به وڃي پر ان جو سنڌ وارو سواد ڪٿي به نه ملندو، پاڻ به هتي هڪ اهڙي ئي ميوي جو ذڪر ڪنداسين جيڪو بنيادي طور تي پاڙيسري ملڪ چين جو ميوو آهي، جنهن جو نالو ڪِويِ آهي، ڪوي به خدا جي لاتعداد نعمتن مان هڪ آهي جيئن ته هن ڌرتي تي پوکجندڙ هر قسم جي ميوي جي پنهنجي پنهنجي خاصيت آهي هر ميوي ۾ ڪنهن نه ڪنهن مرض جو علاج ۽ ڇوٽڪارو آهي پر هي ميوو پاڪستان ۾ گهٽ پوکجڻ سبب گهٽ ئي ماڻهن جو هن ميوي سان واسطو پيو هوندو، جنهن جا هزارين حيرت انگيز فائده آهن، ان نالي جو ميوو تمام گهٽ ماڻهن کاڌو ۽ ڏٺو هوندو ڇاڪاڻ ته اهو ميوو پاڪستان جو ديسي ميوو ناهي، انڪري هتي تمام گهٽ تعداد ۾ هوندو آهي، هوئن ته ڪِويِ هڪ پکيءَ جو به نالو آهي جيڪو نيوزيلينڊ جو قومي پکي آهي ڪِوِي ميوي جي به ٻاهرين بناوٽ ڪِويِ پکيءَ جهڙي آهي، پر ان ميوي جي سائيز مختلف هوندي آهي، ۽ ان جي ٻاهرين کل تي وارن نما بج هوندا آهن، جيڪي وار ڪِويءَ پکي سان مشابهت رکن ٿا، هي ميوو بنيادي طور تي چائينا ۽ تائيوان جو ديسي ميوو آهي ۽ نيوزيلينڊ ۽ ڪيليفورنيا ۾ به پوکجندو آهي، هن وقت نيوزيلينڊ ۾ 80 سيڪڙو هي ميوو سائي رنگ جو ٿيندو آهي ۽ 20 سيڪڙو سونهري رنگ جو ٿيندو آهي، هر سال هڪ هڪ وڻ تي1000 کان 1200 جي تعداد ۾ هي ميوو ٿيندو آهي .۽ هن ميوي جي موسم ۾ ميوو پٽڻ لاءِ نيوزيلينڊ وارن کي هر سال 20 هزار وڌيڪ ماڻهن جي ضرورت درڪار هوندي آهي، خزا ۽ بهار جي موسم ۾ ان جي پوکائي ڪئي ويندي آهي هن ميوي کي وائيٽامنس ۽ منرلس (معدنيات) جو پاور هائوس چيو ويندو آهي مثلنََ وٽامن اي، وٽامن ايِ، وٽامن سي، ۽ وٽامن بي سميت ٻيا ڪيترائي ضروري منرلس مثال، زِنڪ، پوٽاشيم،سوڊيم، ڪاپر، ميگنيشيم، ڪئلشيم ۽ آئرن، کانسواءِ اينٽي فنگل ( ۽ اينٽي بيڪٽيريل (بيڪٽيريا خلاف وڙھڻ) واريون خاصيتون به هن ميوي ۾ شامل آهن، ڏينهن ۾ هي ميوو هڪ عدد کائڻ سان قوت مدافعت ۾ واڌ ايندي آهي، چهري تي قدرتي چمڪ ايندي آهي، وار ڇڻڻ بند ٿي ويندا آهن، رت جا ڳاڙها جزا وڌندا آهن، نظر بهتر ٿيندي آهي، دل جي مرض جي مسئلن کي روڪيندو آهن،گڙدن جي پٿري جو علاج به هن ميوي ۾ سمايل آهي، جسماني چرٻيءَ کي گهٽ ڪندو آهي، ٻارن جي واڌ ويجهه ۾ مدد ڪندو آهي. اڄ ڪلهه جي دور ۾ هر ماڻهو ننڍي کان وٺي وڏو پنهنجن ڪمن ڪارن ۾ ايترو ته مصروف آهي ۽ ڪيترا ئي ماڻهو پريشاني ذهني دٻاءَ، مايوسي ۽ ھر وقت ٿڪ هجڻ جي ڪري صحيح نموني ننڊ نٿا ڪري سگهن انڪري هن ميووي ۾ هڪ بهترين خاصيت اها آهي ته انسان کي سڪون جي ننڊ ڏيارڻ ۾ مدد ڪندو آهي، انڪري ڏينهن ۾ هڪ يا ٻه عدد ڪِويِ ميوو ضرور کائڻ گهرجي، خاص ڪري ڊاڪٽر صبح مهل صوف کائڻ جي هدايت ڪندا آهن ڇاڪاڻ ته هي ميوو هر موسم ۾ ناهي هوندو پر جيڪڏهن هن موسمي ڪِوِي ميوي جو استعمال به روز جي بنياد تي ڪيو وڃي ته صحت لاءِ انتهائي مفيد ثابت ٿيندو. هوئن به ڪو به ميوو يا ڀاڄي موسم جي مطابق کائجي ته بهتر ئي آهي بغير موسم جي جڏهن اسان گھڻي وقت تائين فرج ۾ رکيل شيون کائيندا آهيون ته ان ۾ اها طاقت يا زائقو نه رهندو آهي ۽ صحت لاءِ به مفيد ناهي هوندو.