ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي فائنل ۽ سيمي فائنل جي پچز کي اوسط سمجهيو وڃي ٿو
آءِ سي سي ڀارت ۾ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي فائنل ۽ ٻئي سيمي فائنل ۾ استعمال ٿيندڙ پچن کي اوسط قرار ڏنو آهي.آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو فائنل 19 نومبر تي ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويو، جڏهن ته ٻيو سيمي فائنل آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ 16 نومبر تي ڪولڪتا ۾ کيڏيو ويو، جنهن ۾ آسٽريليا ٻنهي ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ڀارتي ميڊيا موجب فائنل ميچ جي وڪيٽ کي ميچ ريفري اينڊي پائڪرافٽ اوسط قرار ڏنو جڏهن ته سيمي فائنل جي پچ کي اڳوڻي ڀارتي فاسٽ بالر ۽ ميچ ريفري جواگل سري ناٿ اوسط قرار ڏنو. |